مير غلام شاھہ ٽالپر شھيد : شھيد مير غلام شاھہ ٽالپر، شاهواڻي ٽالپرن جي خاندان مان مير ڪرم علي خان ٽالپر جو فرزند هو. سترهين صدي عيسويءَ جي آخر ڌاري سندس جنم ٿيو . هي انگريزن خلاف مياڻيءَ جي جنگ ۾ ٽالپرن جي فوج ۾ نائب سپھہ سالار هو. ٽالپر فوج جي سپھہ سالار مير جان محمد خاناڻي ٽالپر جي شهادت کان پوءِ هن وڏي جوانمرديءَ سان سپھہ سالاريءَ جا فرض سرانجام ڏنا. ٽالپرن جو بارود ختم ٿي وڃڻ ڪري 17 فيبروري 1843ع تي مير غلام شاھہ ٽالپر بهادريءَ سان ويڙھہ ڪندي شھيد ٿيو. روايت آهي تہ مير غلام شاھہ ٽالپر مياڻيءَ جي جنگ تي وڃڻ وقت پنھنجي معتقد پانڌي خاصخيليءَ کي وصيت ڪئي هئي تہ ”خدانخواسته جيڪڏهن آءٌ جنگ ۾ وڙهندي شھيد ٿي وڃان تہ منهنجو لاش منهنجي مرشد جي قدمن ۾ لنواري شريف (بدين) ۾ رکجو“ نيٺ هي مرد مجاهد انگريزن سان وڙهندي مياڻيءَ جي جنگ ۾ شھيد ٿي ويو ۽ سرائي پانڌي خاصخيلي مياڻيءَ جي ميدان مان وڏيءَ مهارت ۽ هوشياريءَ سان رات جي پيٽ ۾ مير غلام شاھہ شھيد جو لاش لڪائي ڪڍي، ٽنڊي محمد خان کڻائي آيو. لاش امانت طور ٽنڊو محمد خان ۾ بخاري سيد جي قبرستان ۾ دفنايو ويو، تقريبن ڇھن مهينن کان پوءِ جيئن ئي حالتون بهتر ٿيون تہ سندس لاش ڪڍي لنواري شريف جي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.
1843.02.17 عيسوي
هن وڏي جوانمرديءَ سان سپهه سالاريءَ جا فرض سرانجام ڏنا. ٽالپرن جو بارود ختم ٿي وڃڻ ڪري 17 فيبروري 1843ع تي مير غلام شاهه ٽالپر بهادريءَ سان ويڙهه ڪندي شهيد ٿيو.