ٽالپر مير فتح علي خان

ٽالپر مير فتح علي خان

مير فتح علي خان ٽالپر

مير فتح علي خان ٽالپر : ٽالپرن جي حڪومت جو پهريون حاڪم مير فتح علي خان ٽالپر سنڌ جو خود مختيار حاڪم ٿيو. ٽالپرن ۾ اختلافن جا آثار نمايان ٿي رهيا هئا، ان ڪري سن 1199 ھہ/ 1784ع ۾ مير فتح علي خان ملڪ جي بهتري ان ۾ سمجهي تہ ملڪ کي ستن حصن ۾ ورهايو وڃي، چار حصا پنھنجي ڀائرن لاءِ رکيائين، جنهن جو مرڪز حيدرآباد مقرر ڪيائين. ٻہ حصا مير سهراب خان کي ڏنائين. جنهن جو مرڪز خيرپور هو ۽ هڪ حصو مير ٺاري خان کي ڏنائين، جنهن جو مرڪز ميرپورخاص ٿيو. وري بہ مرڪزي حيثيت حيدرآباد جي ٽالپرن کي حاصل هئي. ٽالپرن جدوجھد سان سنڌ جا پنهنجا وڃايل سمورا علائقا واپس ورتا، جيڪي ميان غلام شاھہ جي زماني ۾ سنڌ ۾ شامل هئا، ۽ ميان عبدالنبيءَ جي دور ۾ ٻين رياستن جي قبضي ۾ هليا ويا هئا. سبزل ڪوٽ، نواب بھاولپور کان، ڪراچي ۽ ان جي ڀرپاسي وارا علائقا خان قلات کان، شڪارپور افغانستان کان، عمرڪوٽ ۽ ريگستان جا علائقا راجا جوڌپور کان واپس ورتا. انهن کان سواءِ ٻيا بہ ڪيترا ڳوٺ ۽ شھر هئا، جن کي ٽالپرن واپس وٺي پنھنجي حڪومت ۾ شامل ڪيو. مير فتح علي خان مدبر، هوشمند، بھادر ۽ عاقبت انديش حاڪم هو. 18 سالن جي عمر ۾ سنڌ کي فتح ڪيائين. ڪلهوڙن جي آخري ڏينهن واري انتشار ۽ بدامنيءَ کي ڏسندي هن امن امان قائم ڪرڻ گهريو. کيس جنگ کان نفرت هئي، پر جڏهن جنگ لاءِ مجبور ڪيو ويندو هو تہ منهن نہ موڙيندو هو، هو بھادر ۽ همت وارو انسان هو. حڪومت جي نظم ۽ نسق کي نهايت بردباريءَ سان هلائيندو هو، حڪومت جي مختلف شعبن ۾ پنھنجي عزيزن ۽ بلوچ سردارن کي سندن مرتبي مطابق عزت ڏيندو هو. پنھنجي وفات وقت 35 لک رپيا شاهي خزاني ۾ ڇڏيائين. جيئن تہ سنڌ کي ستن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو هو ۽ مير صاحب چار حصا پنھنجي ۽ پنھنجي ڀائرن کي حڪومت ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ رکيا. چئن ڀائرن جي شراڪت سان حڪومت قائم ڪيائين، جنهن کي تاريخ ۾ ’چوياري‘ سڏيو ويو. مير صاحب سير ۽ شڪار جو شوقين هوندو هو ۽ فرصت واري وقت ۾ شڪار سان دل وندرائيندو هو، حيدرآباد کان سيوهڻ تائين درياھہ جي ڪناري سندس ڪيترائي شڪارگاھہ هئا. مير فتح علي خان شاعر نہ هو، مگر سندس دربار ۾ عالم ۽ شاعر هميشہ موجود هوندا هئا. سفر ۽ حضر ۾ شاعرن ۽ عالمن کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو. سندس ادبي ذوق شوق جي ڄاڻ انهيءَ مان پوي ٿي تہ هن ”سسئي پنھون“ جي قصي کي مولانا جاميءَ جي قصي ”يوسف زليخا“ جي طرز تي نئين سر فارسي ۾ نظم ڪرايو. مير صاحب تقريباً 18 سال سڪون ۽ اطمينان سان سنڌ تي حڪومت ڪئي ۽ 9 محرم الحرام سن 1217ھہ/ 1802ع تي وفات ڪيائين. کيس خدا آباد هالا (ثالث) ۾ پنھنجي بزرگن جي پهلو ۾ دفن ڪيو ويو. مير صاحب کي وفات کان ڪجهہ ڪلاڪ اڳ فرزند ڄائو، جنهن جو نالو پنھنجي پيءُ جي نالي تي مير صوبدار خان رکيائين. وفات کان ڪجهہ وقت پهرين مير صاحب سنڌ جي حڪومت جي سربراهي پنھنجي ڀاءُ مير غلام علي خان جي حوالي ڪئي.


لفظ مير فتح علي خان ٽالپر ھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو