مير فخرالدين علوي شڪارپوري : شڪارپور جي هيءَ مشھور شخصيت ٽالپرن ۽ انگريزن جي دور ۾ ٿي گذري آهي. هي مشھور بزرگ، نقشبندي طريقي جي مرشد، فقيه، محدث ۽ استاد العلماءَ الحاج ﷲ علوي'>فقير ﷲ علوي جو پوٽو ۽ مولانا حفيظ ﷲ علويءَ جو پٽ هو. هي وڏو عالم، اديب، مدرس هجڻ سان گڏ هڪ تجربيڪار طبيب پڻ هو. تذڪره لطفيءَ جو مؤلف لکي ٿو تہ: ”مير رستم خان ٽالپر، مير فخرالدين علويءَ کي وڏي عزت ڏيندو هو. انگريزن سنڌ تي حڪمراني قائم ڪرڻ کانپوءِ سر چارلس نيپئر بہ سندس اهائي عزت قائم رکي. ڪجهه وقت مير علي مراد خان ٽالپر جو وزير بہ ٿي رهيو. کيس ڪتابن سان ڏاڍي محبت هوندي هئي. علوي ڪتب خانو سندس علمي ذوق جو مثال آهي. مير فخرالدين علوي پنھنجي وڏن جي قائم ڪيل ‘علوي درسگاھہ’ ۾ ديني علمن جو درس ڏنو، جنهن مان ڪيترن طالبن، مريدن ۽ عقيدتمندن استفادو حاصل ڪيو. هن 1854ع ۾ وفات ڪئي. هو پنھنجي دور جو سٺو شاعر بہ ٿي گذريو آهي. (تذڪره لطفي، ڀاڱو ٻيو، ص 101-102)