ٽالپر مير فيض محمد اول
مير فيض محمد ٽالپر اول: مير علي مراد خان جي وفات کان هڪ هفتو پوءِ 7 اپريل 1894ع تي عيدالفطر جي ڏينهن تي مير فيض محمد خان گاديءَ تي ويٺو . کيس سندس مرضيءَ موجب انگريزن طرفان خان بهادر قادر داد خان وزير ٿي مليو ، جنهن اچڻ سان اڳوڻو انتظام بدلائي نئون نظام شروع ڪيو . ديوان اتمچند ۽ ٻيا منشي ، رياست جي سياه ۽ سفيد جا مالڪ بنيا ويٺا هئا ، تن کي ڪڍي ، هر هڪ ڪم لاءِ جدا کاتا کوليائين . مير صاحب جي شخصي ڪاروبار لاءِ جدا ڪئمپ شاهيءَ جو عملو مقرر ڪيائين . مير صاحب پنهنجي والد وانگر شڪار جو شوقين هوندو هو ، سندس منشي هميشه گشت ۾ رهندو هو ، ان ڪري ملڪ جي سڌاري جو سمورو بار وزير صاحب تي هو . جنهن کي صرف نئين ڪم لاءِ مير صاحب کان دستوري منظوري وٺڻي پوندي هئي . وزير صاحب زراعت ۽ آبپاشيءَ جي کاتن کي ترقي ڏئي ، ڪافي واهه کوٽرايا . شڪار گاهن کي محدود ڪري جھنگ ڪپرائي ، اتي آبادي ڪرايائين . نتيجي طور رياست جي اپت پنجن لکن مان وڌي پندرهن لکن تائين وڃي پهتي . جتي ڪٿي رستا ٺهي ويا ، واهن تي پليون ٻڌجي ويون ۽ ربيع جي آباديءَ لاءِ کوهه کوٽجي ويا . ان کان سواءِ رياست جي حدن مان ريلوي جو گذر ٿيو . پوسٽ آفيس ۽ ٽيليگراف جو نئون کاتو کوليو ويو . سرڪاري دفترن لاءِ سٺيون عمارتون تعمير ٿيون . هڪ سؤ کان وڌيڪ اسڪول کوليا ويا . هڪ لائبرري ، هڪ وڏي اسپتال ۽ چار ڊسپينسريون ٺهرايون ويون . مطلب ته رياست جي ذريعن آهر قادر داد خان ڪافي سڌارا آندا . هن 1903ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس جاءِ تي سردار محمد يعقوب خان وزير مقرر ٿيو ، جنهن 1907ع تائين اڳين سڌارن کي وڌايو . خيرپور ۾ انگريزي اسڪول جاري ٿيو ۽ ان سان گڏ بورڊنگ هائوس ٺهيو ، فيض محل جي نالي سان هڪ عاليشان محل به تعمير ٿيو . سردار محمد يعقوب خان 1907ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس جاءِ تي شيخ صادق علي خان وزير ٿيو . هن ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ شاهي محل ٺهرايو ۽ ڪراچيءَ ۾ زمين خريد ڪري ، مير صاحب لاءِ هڪ وڏو بنگلو تيار ڪرايو . مير علي مراد خان جي وقت ۾ انگريز رياست جي ڪمن ۾ ڪابه مداخلت نه ڪندا هئا ، پر سندس مرڻ بعد ، سندن دست اندازي ايتري قدر وڌي وئي ، جو وزيرن ۽ ڪن ٻين عهديدارن جي جڳهه به پوليٽيڪل ايجنٽ جي منظوريءَ سان ڀرجڻ لڳي . ان ڳالهه جو اهو فائدو ٿيو ، جو خيرپور هڪ جاگير هجڻ جي بدران منظم رياست جي قالب ۾ اچي وئي ۽ ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿي . مير فيض محمد خان رحمدل ، سادگي پسند ۽ نياز نوڙت وارو رعايا پرور ۽ غريبن جو همدرد هو . مروت ، مهرباني ۽ خوش خلقي ۾ پنهنجن ڀائرن کان وڌيڪ هو . فارسي لکڻ پڙهڻ ۾ هوشيار ۽ نمازي هو . هن کان اڳ سڀ ڪجهه ميرن ۽ سندن ساٿين جي فائدي لاءِ ڪيو ويندو هو ، پر هن رعايا لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ ماڻهن کي زيان خور جانورن جي مارڻ جي اجازت به ڏنائين . کيس تعليم سان به خاص دلچسپي هئي . مير فيض محمد خان سنڌي ، سرائڪي ۽ فارسي زبان جو شاعر هو ۽ ” عاجز “ تخلص اختيار ڪندو هو . هن کي ٽي پٽ هئا: هڪ ، مير غلام علي خان ، جيڪو يارهن ورهن جي ڄمار ۾ فوت ٿي ويو ، ٻيو ، احمد علي خان ، جيڪو سندس زندگيءَ ۾ وفات ڪري ويو ۽ ٽيون ، امام بخش خان ، جيڪو ولي عهد هو . مير فيض محمد 5 مارچ 1909ع ۾ ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ وفات ڪئي . سندس عمر 74 سال هئي ۽ پنڌرهن سال حڪومت ڪيائين .