ٽالپر مير محمد علي خان بهرور
مير محمد علي خان ٽالپر بهرور: مير صوبدار خان ٽالپر جو فرزند مير محمد خان ٽالپر 14 صفر 1243 هه تي پيدا ٿيو ۽ ڪلڪتي ۾ پهرين رجب 1278 هه تي وفات ڪيائين. پاڻ ٻه مثنويون يادگار ڇڏيون اٿس، ان کان سواءِ ڪجهه غزل، منقبت ۽ قصيدا پڻ مختلف بياضن ۾ ملن ٿا. سندس تخلص ”بهرور“ هو. مير محمد علي خان ٽالپر ڪيترائي تاريخي ڪتاب ٻيهر مختلف ڪاتبن کان لکرايا، جن ۾ مختلف بياض ۽ تاريخي ڪتابن ۾ ’تاريخِ چراغِ هدايت‘ قابل ذڪر آهن.
1827.00.00 عيسوي
مير محمد خان ٽالپر 14 صفر 1243 هه/ 1827ع تي پيدا ٿيو
1861.00.00 عيسوي
مير محمد خان ٽالپر ڪلڪتا ۾ پهرين رجب 1278 هه/ 1861ع تي وفات ڪيائين