سومرو مير محمد مقبول پروفيسر

سومرو مير محمد مقبول پروفيسر

مير محمد مقبول سومرو پروفيسر

مير محمد مقبول سومرو، پروفيسر: تعليمدان ۽ ليکڪ مير مقبول سومري، 3 جون 1946ع تي هنڱورجا، ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. هن مئٽرڪ 1964ع ۾ هنڱورجا مان پاس ڪئي. 1966ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. نوڪريءَ دوران هن تعليم جو سلسلو پرائيويٽ طور جاري رکيو. اهڙيءَ طرح 1977ع ۾ هن ايم. اي مذاهب عالم ۾پاس ڪري ورتي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هن جي پھرين پوزيشن آئي. پوءِ اسلامڪ ڪلچر ۾ ايم. اي جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. جيئن تہ کيس گهر ۾ اسلامي نوعيت جا ڪتاب ذاتي لائبرريءَ ۾ اڳي ئي موجود هئا، ان ڪري هن مولوي فاضل عربيءَ جو امتحان بہ پاس ڪري ورتو. ان بنياد تي 1984ع ۾ کيس عربي ٽيچر مقرر ڪيو ويو. اتان ڇڏي وري پرائمري ٽيچر مقرر ٿيو. 1985ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ ليڪچرار مقرر ڪيو ويو. 3 جون 2006ع تي پروفيسر طور رٽائر ڪيائين. رٽائرمينٽ کانپوءِ لکڻ پڙهڻ جي ڪم ۾ مصروف ٿي ويو. هن پنھنجي زندگيءَ دوران ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. سندس ڪيترائي مضمون اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. مير محمد مقبول سومرو استاد سان گڏ هڪ بھترين ليکڪ، شاعر ۽ انگريزي سميت مشرقي لسانيات جو ڄاڻو هو. قلندر شھباز ۽ شاھہ لطيف تي لکيل سندس مقالا، ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ جي ڇپايل ڪتابن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. هن جي اهم تصنيفن ۾: (1) ’تاريخ هنڱورجا‘، (2) ’رياض القرآن‘، (3) ’جذبات مقبول‘، (4) ’سوغات مقبول‘، (5) ’فضائل شب قدر‘، (6) ’دستور الاسلاف في اصلاح الا خلاف‘ (اردو) ۽ (7) ’موتين جي مالها‘ (سوانح حيات مولانا بخش سومرو) شامل آهن. پروفيسر مير محمد ’مقبول‘ سومري 12شول 1442ھہ مطابق 24 مئي 2021ع بروز سومر هڱورجا ۾ وفات ڪئي. کيس نبھندو شاھہ قبرستان ۾ وصيت موجب دفن ڪيو ويو


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.06.03  عيسوي

تعليمدان ۽ ليکڪ مير مقبول سومري، 3 جون 1946ع تي هنڱورجا، ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڌڻي بخش ميمڻ
سومار خان استاد ننڍو
ڪرتار سنگهہ عرش
پير مانڪي شريف
برهان فقير
دلمراد جمالي
آنند مٽائي
حسين بخش ذاڪري سماع ڌڻي
ٽيڊئيس رڪشٽائن
جارج-6
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون