سومرو مير محمد مقبول پروفيسر
مير محمد مقبول سومرو، پروفيسر: تعليمدان ۽ ليکڪ مير مقبول سومري، 3 جون 1946ع تي هنڱورجا، ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. هن مئٽرڪ 1964ع ۾ هنڱورجا مان پاس ڪئي. 1966ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. نوڪريءَ دوران هن تعليم جو سلسلو پرائيويٽ طور جاري رکيو. اهڙيءَ طرح 1977ع ۾ هن ايم. اي مذاهب عالم ۾پاس ڪري ورتي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هن جي پھرين پوزيشن آئي. پوءِ اسلامڪ ڪلچر ۾ ايم. اي جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. جيئن ته کيس گهر ۾ اسلامي نوعيت جا ڪتاب ذاتي لائبرريءَ ۾ اڳي ئي موجود هئا، ان ڪري هن مولوي فاضل عربيءَ جو امتحان به پاس ڪري ورتو. ان بنياد تي 1984ع ۾ کيس عربي ٽيچر مقرر ڪيو ويو. اتان ڇڏي وري پرائمري ٽيچر مقرر ٿيو. 1985ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ ليڪچرار مقرر ڪيو ويو. 3 جون 2006ع تي پروفيسر طور رٽائر ڪيائين. رٽائرمينٽ کانپوءِ لکڻ پڙهڻ جي ڪم ۾ مصروف ٿي ويو. هن پنھنجي زندگيءَ دوران ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. سندس ڪيترائي مضمون اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. مير محمد مقبول سومرو استاد سان گڏ هڪ بھترين ليکڪ، شاعر ۽ انگريزي سميت مشرقي لسانيات جو ڄاڻو هو. قلندر شهباز ۽ شاهه لطيف تي لکيل سندس مقالا، ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ جي ڇپايل ڪتابن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. هن جي اهم تصنيفن ۾: (1) ’تاريخ هنڱورجا‘، (2) ’رياض القرآن‘، (3) ’جذبات مقبول‘، (4) ’سوغات مقبول‘، (5) ’فضائل شب قدر‘، (6) ’دستور الاسلاف في اصلاح الا خلاف‘ (اردو) ۽ (7) ’موتين جي مالها‘ (سوانح حيات مولانا الله بخش سومرو) شامل آهن. پروفيسر مير محمد ’مقبول‘ سومري 12شول 1442هه مطابق 24 مئي 2021ع بروز سومر هڱورجا ۾ وفات ڪئي. کيس نبھندو شاهه قبرستان ۾ وصيت موجب دفن ڪيو ويو
1946.06.03 عيسوي
تعليمدان ۽ ليکڪ مير مقبول سومري، 3 جون 1946ع تي هنڱورجا، ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.