ٽالپر مير محمد نصير خان جعفري

ٽالپر مير محمد نصير خان جعفري

مياڻي جي جنگ جو هڪ اسڪيچ

مياڻي جي جنگ جو هڪ اسڪيچ

مير محمد نصير خان ٽالپرجعفري

مير محمد نصير خان ٽالپرجعفري:مير نور محمد خان جي وفات کانپوءِ 1256هه/1840ع ۾ مير محمد نصير خان جنهن جو لقب ”سرڪار فيض آثار“ هو. ٽالپرن ۾ ذاتي جهيڙا شروع ٿي چڪا هئا. مير صوبدار خان موقعي جي تلاش ۾ هو ۽ پاڻ مخفي طور تي انگريزن جو وفادار هو. مير نور محمد جي ٻن فرزندن مير شهداد ۽ مير حسين علي جي وچ ۾ ملڪيت تان تڪرار پيدا ٿيو، پر آئوٽرام وچ ۾ پئي سندن صلح ڪرايو، انهيءَ کان سواءِ خيرپور جي ميرن ۾ به تڪرار وڌي رهيو هو. هڪ طرف سنڌ ۾ اندروني خلفشار ۽ بيقراري هئي ته ٻئي طرف افغانستان ۾ اوچتو وڏو انقلاب اچي ويو ۽ شجاع الملڪ کي قتل ڪيو ويو ۽ انگريزن جي نمائندي کي پڻ بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو. هيءُ واقعو 1842ع جي شروع ۾ پيش آيو. انهي واقعي جو برطانوي حڪومت نوٽيس وٺندي لارڊ آڪلنڊ کي واپس لنڊن گهرائي، ان جي جاءِ تي لارڊ ايلنبرو کي سخت هدايتون ڏئي هندستان موڪليو. انهي کان علاوه افغانستان جي خوني ڪاررواين جو سنڌ تي چڱو اثر پيو ۽ انگريزن سُتت ئي افغانين تي ضابطو آندو. انهيءَ افرا تفريءَ ۾ انگريزن، ميرن کان گهربل ڍل گهري. جنهن جي ادائگي ۾ ميرن ڪوتاهي ڪئي، جنهنڪري انگريزن سوچيو ته ڍل عيوض ميرن کان شڪارپور ورتو وڃي ته جيئن افغانستان تي دائمي ضابطو رهي، پر تنهن وقت انگريز، افغانستان جي جنگ ۾ مصروف هئا، تنهنڪري ٽالپرن تي زور نه ڏنو. ميجر آئوٽرام سنڌ ۾ ايندي ئي پنهنجي گهري نگاهه سان ٽالپرن کي پرکي ورتو ته افغانستان ۾ انگريزن جي شڪست جو ٽالپرن تي خاص اثر پئجي رهيو آهي. آئوٽرام کي وڌيڪ بدگماني انهيءَ ڪري ٿي، جو کيس خبر پئي ته مير نصير خان ۽ ملتان جي ديوان سانوڻ مل جي وچ ۾ مخفي خط و ڪتابت هلي رهي هئي ۽ مير رستم خان جون پنجاب جي راجا شير سنگهه سان پڻ ڳالهيون هلي رهيون هيون. هندستان جي گورنر جنرل ايلنبرو به اچڻ سان افغانستان ۾ انگريزي فوج کي تباهيءَ جي ڪناري تي ڏسي سوچيو ته متان سرحدي ملڪ بغاوتون ڪن، ان ڪري هن سختيءَ کان ڪم وٺندي آئوٽرام کي هڪ خط لکيو ته: ”جيڪڏهن اوهان کي ميرن ۾ ڪي شڪ ۽ شبها هجن ۽ انهن لاءِ ثابتيون به هجن ته کين آگاهه ڪري تنبيهه ڪريو ته سندن هلت بابت کين سخت سزائون ڏنيون وينديون.“ انهيءَ کان سواءِ گورنر جنرل حيدرآباد جي امير نصير خان کي ٽي خط لکيا، جن ۾ لکيائين ته: ”جڏهن اوهين برٽش حڪومت سان بيوفائي ڪندا، اُن ڏينهن اوهان جي حڪومت اوهان کان هلي ويندي.“ ميجر آئوٽرام انهن خطن کي پاڻ وٽ محفوظ رکيو، ڇو جو انهن خطن ۾ دوستاڻن لاڳاپن بدران اڻ وڻندڙ دڙڪا هئا، جي اڳتي هلي ٽالپرن ۽ انگريزن ۾ ڇڪتاڻ ۽ ناراضگيءَ جو باعث بڻجن ها، پر پوءِ انهن ڳالهين کان متاثر ٿي هن هڪ نئون عهدنامو ٽالپرن جي اڳيان رکڻ چاهيو ٿي، پر گورنر جنرل کيس پيغام موڪليو ته ميرن کان ”سبزل ڪوٽ“ ۽ ”ڀنگ“ جو علائقو وٺي، نواب بهاولپور جي حوالي ڪيو وڃي. ميجر آئوٽرام انهيءَ ڳالهه تي متفق نه ٿيو، جنهنڪري کيس سندس عهدي تان برطرف ڪري چارلس نيپئر کي مڪمل اختيار ڏئي سنڌ جي قسمت جو مالڪ بنائي موڪليو ويو، گورنر جنرل هن سٺ سال جي پوڙهي بابت لکيو ته:
”هو پيرسن، آزمودگار، شوخ طبع، تند مزاج ۽ دل جو ڪٺور سپاهي آهي ۽ هي هڪ جهنگلي هاٿي آهي، جنهن کي سڌارڻ لاءِ ويهه سيکاريل هاٿي کپن.“
بهرحال گورنر جنرل کي پڪ هئي ته نيپئر جنگجو طبيعت جو مالڪ آهي ۽ آخر هڪ ڏينهن ميرن جي طاقت سان ضرور ٽڪر کائيندو.
نيپئر اڃا پنڌ ۾ هو ته کيس خبر پئي ته افغان، بروهي، بلوچ ۽ ٽالپر ٻه لک لشڪر، انگريزن سان جنگ ڪرڻ چاهين ٿا ته جيئن سندن مشرق ۾ طاقت کي ختم ڪيو وڃي. پر هن اڳئي پڪو ارادو ڪيو هو ته ڪنهن به صورت ۾ ميرن جي حڪومت کي ختم ڪيو ويندو. هن خود لکيو آهي ته ”اسان کي ڪو به حق نه آهي ته سنڌ کي پنهنجي حڪومت ۾ آڻيون، پر ڪجهه حالتن سبب ائين ڪرڻو پوندو.“ نيپيئر کي گورنر جنرل کان اهڙي اڳئي هدايت مليل هئي ته سنڌ ۾ پهچڻ شرط ڪراچيءَ کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي ۽ جيڪڏهن ٽالپرن مان ڪو مخالفت ڪري ته ان کي سخت سزا ڏني وڃي. 19 سيپٽمبر 1842ع تي نيپيئر حيدرآباد پهتو ته مير نصير خان جي فرزند مير عباس علي خان شهر جي معزز ماڻهن سان گڏجي سندس استقبال ڪيو ۽ کيس حيدرآباد جي قلعي ۾ وٺي آيو. جتي سندس ملاقات سنڌ جي آخري تاجدار سان ٿي، هن مير صاحب کي بيباڪيءَ سان چيو ته ”سنڌو نديءَ تي محصول وجهي معاهدي جي ڀڃڪڙي نه ڪندا، جيڪڏهن ائين ڪندا ته ٻئي دفعي ملاقات محبت ڀرئي انداز ۾ نه ٿيندي. تنهن کان سواءِ اڳين سفيرن جو زمانو گذري چڪو آهي، ان ڪري ڪا به رياڪاري ۽ بي وفائي برداشت نه ڪئي ويندي“. ان کانپوءِ هن ٽالپرن جي ڏاڍاين جي فهرست پيش ڪئي، جنهن موجب ميجر آئوٽرام ٽالپرن کي ڏوهي قرار ڏنو هو. ٻئي ڏينهن جنرل نيپئر سکر لاءِ روانو ٿيو. جتي هن کي خيرپور جي ٽالپرن سان به ڳالهيون ڪرڻيون هيون. اُتي کيس خبر پئي ته بهاولپور جي هڪ سوداگر کان محصول ورتو ويو آهي. جنرل هڪدم مير رستم خان کي خط لکي موڪليو ته محصول وارا پئسا سوداگر کي واپس ڏنا وڃن، جيڪي مير صاحب واپس ڪيا، ان کانپوءِ نيپئر روهڙي ويو ۽ اتي پنهنجو هيڊ ڪوارٽر مقرر ڪيائين. جلدي سبزل ڪوٽ ۽ ڀُنگ تي بنگالي فوج بيهاري قبضو ڪيائين. ان واقعي کانپوءِ ميرن ۾ انگريزن سان مقابلي ڪرڻ جي سوچ پيدا ٿي.
افغانستان کان فوجون واپس اچي رهيون هيون، جنرل آڪلنڊ پنهنجي فوجن سان اچي روهڙيءَ ۾ پهتو. شهر ۾ افواهه پکڙجي ويا، پر افسوس سنڌ جي ميرن ان طرف ڪو به ڌيان نه ڏنو، اُن دوران جنرل، ڪيپٽن اسٽينليءَ معرفت حيدرآباد ۾ مير نصير ڏانهن نئون عهد نامو موڪليو ويو، جنهن جا شرط هيٺينءَ ريت هئا:
(1) سنڌ جي سڪي جي هڪ پاسي راڻي وڪٽوريا جي تصوير هوندي.
(2) ڪراچي، ٺٽو، شڪارپور، سبزل ڪوٽ ۽ انهن شهرن ويجهو زمينون انگريز عملدارن کي ڏنيون وينديون.
(3) درياهه جي ٻنهي ڪنارن تي هڪ سؤ گز زمين انگريزن جي حوالي ڪئي ويندي.
(4) انگريزن تان هر قسم جون ڍلون ۽ مال جو محصول معاف ڪيو ويندو.
مٿئين عهدنامي مير صاحبن کي پريشان ڪري وڌو ۽ هو اڃا عهد نامي تي صحيح ڪرڻ لاءِ سوچي رهيا هئا ته هڪ پڌرنامي جي ذريعي جنرل سنڌ حڪومت کي خبردار ڪيو. ان کان سواءِ وقت به وقت تاڪيدي خط به ميرن کي لکندو رهيو. ليڪن افسوس جو سنڌ حڪومت ۾ نا اتفاقي هئي ۽ مير صاحب ڪنهن به صلاح، مشوري تي متفق نه ٿيا. نيپيئر پڪو اردو ڪيو ته ميرن جي سگهه کي ٻن حصن ۾ ورهائي ختم ڪجي. هن، گورنر جنرل کي درخواست موڪلي ته ميجر آئوٽرام کي سنڌ ۾ ٻيهر مقرر ڪيو وڃي، ڇو ته هو سنڌي زبان ڄاڻي ٿو. 1843ع ۾ ميجر آئوٽرام ٻيهر سنڌ آيو، حيدرآباد پهچڻ تي مير صاحبن کيس تحفا موڪليا، ميجر آئوٽرام فقط مير صوبدار جو تحفو قبول ڪيو ۽ ٻين مير صاحبن جا تحفا واپس ڪري ڇڏيا، ان تي مير صاحبن کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هنن سمجهي ورتو ته مير صوبدار خان، مير علي مراد خان وانگر انگريزن جي هدايتن تي هلي رهيو آهي، ٿي سگهي ٿو ان وانگر کين نقصان پهچائي. نهيءَ سال ذوالحج جي آخر ۾ مير رستم خان جي ڀائٽي ۽ پٽ مير نصير خان ۽ محمد حسن خان کهڙن مان حيدرآباد ۾ اچي مير رستم خان لاءِ مدد جي درخواست ڪئي، اڃا هو پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪري رهيا هئا ته مير رستم خان پنهنجن پٽن ۽ ڀائرن سان گڏ اچي حيدرآباد پهتو، مير صوبدار خان کان سواءِ ٻيا سڀ مير، مير رستم خان سان اچي مليا ۽ سندس گرمجوشي سان آڌرڀاءُ ڪيو ويو، ان بعد کيس حيدرآباد جي قلعي ۾ وٺي آيا. مير صاحب، مير نصير خان کي خبر ڏني ته نيپئر هاڻي حيدرآباد تي چڙهائي ڪندو ٿو اچي. هوڏانهن نيپئر امام ڳڙهه جي قلعي کي تباهه ڪرڻ بعد پنهنجو سڄو ڌيان حيدرآباد جي اميرن ڏانهن ڪيو. نئين عهد نامي پيش ڪرڻ لاءِ هن ميجر آئوٽرام جون خدمتون حاصل ڪيون ۽ کيس ميرن کان عهد نامي تي صحيح ڪرائڻ لاءِ ڪمشنر مقرر ڪيائين، جنرل عهدنامي تي صحيح ڪرڻ جو مدو 25 جنوري کان پهرين فيبروري تائين مقرر ڪيو. ميجر آئوٽرام جڏهن حيدرآباد ڏانهن روانو ٿيو ته جنرل نيپئر سڪرنڊ ۾ اچي پهتو. مير نصير خان حيدرآباد مان مرزا خسرو بيگ، يوسف خدمتگار ۽ غلام علي نظاماڻيءَ کي جنرل نيپئر ڏانهن موڪليو، جن جنرل کي چيو ته مير صاحب آخري عهد نامي جي شرطن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهن. ليڪن حيدرآباد جي اميرن جي خواهش آهي ته جنرل جي وچ ۾ پوڻ تي پهرين مير رستم خان کي سندس حق ڏنو وڃي. مرزا خسرو بيگ گفتگوءَ دوران جنرل کي آگاهه ڪيو ته مير رستم خان سان جيڪو ناروا سلوڪ ڪيو ويو آهي ۽ سندس جيڪا حق تلفي ٿي آهي، حيدرآباد جي اميرن کي انهيءَ تي ڏاڍو ڏک آهي، خاص ڪري بلوچن کي اهڙو صدمو رسيو آهي، جو انگريز حيدرآباد پهتا ته بلوچ مٿن اگهاڙيون تلوارون ڪڍي نڪري ايندا. بلوچن جي جنگ ڪا رواجي جنگ نه آهي ۽ تو کي اها آگاهي هجي ته ”سنڌ ڪو حلوو نه آهي، جنهن کي سولائيءَ سان ڳڙڪائي ويندين.“ ان تي نيپئر جواب ڏنو ته ”آئون پاڻ جنگ ڪرڻ آيو آهيان ۽ هاڻ ڏسنداسون ته بلوچن جون تلوارون ڪيئن ٿيون انگريزي توبن ۽ بندوقن جي گولين کي منهن ڏين. مون ميجر آئوٽرام کي حيدرآباد موڪليو آهي ته نئين عهدنامي بابت جيڪي ڪجهه مير چون، اهو سڌيءَ طرح مونکي رپورٽ ڪري.“ 6 فيبروري 1843ع تي آئوٽرام ۽ ليفٽينٽ برائون پنهنجن سپاهين سان گڏجي (جن جو تعداد 50 ۽ 100 جي وچ ۾ هو) حيدرآباد جي ريزيڊنسي ڪئمپ ۾ آيا. ميجر نئون عهدنامو ميرن آڏو پيش ڪيو. ٽالپرن، مير رستم خان کي ٻيهر حق ڏيارڻ تي اسرار ڪيو. پر ترت ئي حالتن ۾ تبديلي اچي وئي جنهن جو نتيجو خطرناڪ معلوم پئي ٿيو. ذڪر ڪيل عهدنامي کان ٽالپر بيزار هئا ۽ عهدنامي تي صحيح ڪرڻ پنهنجي حڪومت جي بربادي جو پيش خيمو ٿي سمجهيائون. ٻئي طرف جنرل جي پيش رفت کان مير صاحب ڊنل هئا ۽ جنگ جي اعلان کان سواءِ امام ڳڙهه جي تباهي سندن اکين آڏو هئي. اهڙيءَ حالت ۾ کين ڪا به حڪمت عملي نه پئي سجهي، بنهه منجهيل هئا. ان دوران انگريزن ۽ حيدرآباد جي اميرن جي وچ ۾ ڊگها بحث مباحثا ٿيا ۽ طئي ڪيو ويو ته جيئن ته هن وقت محرم جو ڏهو آهي، ان ڪري 10 محرم کان پوءِ عهدنامي تي صحيحون ڪيون وينديون. 12 محرم تي برائون، مير نصير خان وٽ عهد نامو کڻي آيو ۽ مير صاحب کيس ٻئي ڏينهن اچڻ جو وقت ڏنو. ٻئي ڏينهن رات جو مير نصير خان پنهنجي خاص صلاحڪارن کي گهرايو، جن ۾ نواب غلام محمد لغاري، بختيار خان لغاري، مير غلام شاهه شهواڻي ۽ خان محمد خان ملڪاڻي مير صاحب کي انگريزن خلاف ڀڙڪايو. آخوند محمد بچل ۽ خان ٺوڙهي، مير صاحب کي صلح جي صلاح ڏني، پر مير صاحب کي عهدنامي تي صحيح ڪرڻ ڏکيو پئي لڳو. وعدي موجب ميجر آئوٽرام پنهنجي نائب هٿان عهد نامو صحيح ڪرڻ لاءِ ڏياري موڪليو. پر نواب غلام محمد لغاريءَ عهد نامو ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڦاڙي ڇڏيو. نائب سولجر مايوس ٿي واپس هليو ويو. مير صوبدار خان ۽ مير، مير محمد خان ان معاملي کان ايڏو ته پري ٿي ويا، ڄڻ ته حڪومت سان سندن ڪو واسطو ئي نه هو. فقط مير شهداد خان ۽ مير حسين علي خان مير نصير خان سان ڏک ۽ سک ۾ شريڪ رهيا. نيپيئر حيدرآباد ايندي حيات خان مريءَ کي سندس 25 مکيه ماڻهن سميت گرفتار ڪري مشهور ڪيو ته حيدرآباد جي مير، مير محمد خان جو بلوچن ڏانهن هڪ حڪم نامو هٿ آيو آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اهي 9 تاريخ تي مياڻيءَ جي ميدان ۾ گڏ ٿين. حالتون اهڙيون اچي بيٺيون، جو صلح ڪرڻ بيڪار نظر پئي آيو ۽ جيڪڏهن مير نصير خان صلح ڪري به ها، تڏهن به نيپئر اهڙا شرط رکي ها، جو مير صاحب مجبور ٿي حڪومت انگريزن جي حوالي ڪري ها. مير شهداد خان ۽ نواب احمد خان لغاري ٽيهن هزارن جو لشڪر تيار ڪري آئوٽرام جي سرڪاري رهائش گاهه تي حملو ڪيو، مگر خوش قسمتيءَ سان هو پنهنجي ساٿين سميت بچي ويو ۽ درياهه جي ڪپ تي وڃي پهتو، جتي هر وقت ننڍو جهاز تيار بيٺو هوندو هو. ميجر آئوٽرام پنهنجي عملي سميت سلامتيءَ سان نڪري ويو. سج لهڻ کان اڳ ڏٺو ويو ته جنهن طرف نيپئر منزل انداز هو، آگبوٽ انهيءَ طرف وڃي رهيو هو. انهيءَ واقعي کان پوءِ مير شهداد خان ۽ نواب احمد خان لغاري مکيه بلوچ سردارن سان گڏجي نصير خان وٽ آيا، اُها سڄي رات صلاح مشوري ۾ گذري. صبح جو مير نصير خان لشڪر سميت مياڻيءَ جي ميدان ۾ پهتو. مير نصير خان سان گڏ مير شهداد خان، مير حسين علي خان مير رستم خان ۽ ٻيا مکيه بلوچ سردار هئا، جن جي لشڪر جو تعداد سترهن هزار هو. 16 فيبروري 1843ع تي جنرل نيپيئر کي خبر ملي ته ميرن جي فوج 10 ميلن جي مفاصلي تي ڦليليءَ جي پيٽ ۾ منزل انداز آهي. 17 فيبروري 1843ع تي نيپئر ميرن جي فوج کي سامهون انگريزي فوج باقاعدي تربيت يافته هئي ۽ ٽالپرن جو لشڪر جنگي حڪمت عملي ۽ تربيت کان غير واقف هو. 17 فيبروري 1843ع جمعي جي ڏينهن صبح جو 8 بجي جنگ جو طبل وڳو، انگريزن جي توبن ۽ بندوقن جي بوڇاڙ جو جانباز بهادر بلوچن دليريءَ سان مقابلو ڪيو. مير جان محمد خاناڻيءَ منڍ ۾ ئي اهڙي سياڻپ ۽ دليريءَ سان مقابلو ڪيو، جو نيپئر کي جنگ هارائڻ جي پڪ ٿي وئي. بلوچن جا جوش ڀريا نعرا جنرل کي آسماني گجگوڙ وانگر معلوم ٿي رهيا هئا. هي پرجوش معرڪو 4-5 ڪلاڪ هليو، جنهن ۾ اڪثر انگريز آفيسر زخمي ٿي پيا. ٻئي طرف ميرن جون فوجون مقابلي جو تاب نه سهي ڇڙوڇڙ ٿيڻ لڳيون، پر پوئتي هٽندي به بلوچ گهٻرايل نظر نه پئي آيا ۽ بهادريءَ سان وڙهندا رهيا. جنهن جو اعتراف انگريز مصنفن پنهنجن مختلف ڪتابن ۾ ڪيو آهي. پوڙهي جنرل کي اهو نعرو هڻندي ٻڌو ويو ته ”خداوند راڻي وڪٽوريا کي بچائج“ آخر ميدان انگريزي فوج جي قبضي ۾ اچي ويو ۽ ميرن جي لشڪر کي شڪست ٿي. جنرل پنهنجي فتح جو اعلان ڪيو. لڙائيءَ انهيءَ ڏينهن جمعي نماز کان ڪجهه وقت اڳ ختم ٿي ۽ ٽالپرن جي حڪومت سان گڏ سنڌ جي آزاديءَ جو آفتاب به غروب ٿيو. سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيءَ جي فرزند سيد احسان علي شاهه مياڻيءَ جي جنگ جو احوال نظم ۾ تحرير ڪيو آهي. اهو واقعي هڪ پرسوز مرثيي جي حيثيت رکي ٿو. لڙائيءَ جي ختم ٿيڻ بعد مير نصير خان، مير شهداد خان ۽ مير رستم خان 18 ماڻهن سان گڏ حيدرآباد جي قلعي ۾ موٽي آيا. شام جو مير صوبدار خان پنهنجي منشي آوتراءِ هٿان مٺائيءَ جا ٽوڪرا تحفي طور جنرل کي ڏياري موڪليا ۽ پيغام موڪليائين ته جنرل سان ملاقات جو خواهشمند آهيان. جيئن ته نيپئر فوج جي سخت پهري ۾ هو، کيس نه سندس پيغام مليو، نه سندس تحفا. جنرل ٽالپرن کي حڪمنامو ڏياري موڪليو ته سڀاڻي صبح جو جيڪڏهن مير نصير خان، مير شهداد خان ۽ مير حسين علي خان وٽس نه پهتا ته حيدرآباد کي گهيرو ڪري قلعي کي تباهه ڪيو ويندو. ٻئي ڏينهن صبح جو مير نصير خان پنهنجي عزيزن سان انگريزن جي ڇانوڻيءَ ۾ ويو. ميجر آئوٽرام سندس استقبال ڪيو ۽ ميرن کي پنهنجي تنبوءَ ۾ وٺي آيو، ٿوري وقت کانپوءِ جنرل نيپئر، ڪرنل پيٽلي سان گڏ انهيءَ تنبوءَ ۾ آيو. مير صاحبن پنهنجون تلوارون کولي جنرلن کي ڏنيون، جنهن کين واپس ڪري مشڪي چيو ته، ”هي سموري ڪارروائي گورنر جنرل ڏانهن رپورٽ ذريعي موڪلي رهيو آهيان ۽ 25 ڏينهن جي اندر اتان جيڪو حڪم ايندو ان تي عمل ڪيو ويندو، ان وقت تائين اوهان سنڌو درياهه جي ڪناري ڪوٽڙي بندر جي ويجهو انگريزي ڪئمپ ۾ رهندا.“ 19 فيبروري 1843ع تي حيدرآباد جو قلعو انگريزن حوالي ڪيو ويو ۽ تقريباً يارهين وڳي صبح جو قلعي جي برج تي ”يونين جيڪ“ جو جهنڊو ڦڙڪايو ويو. ميرن طرفان مقرر ڪيل عملدارن کي برطرف ڪري، سندس جاءِ تي انگريز عملدار مقرر ڪيا ويا. مير صوبدار خان کي به حيدرآباد جي قلعي مان قيد ڪري، انگريزن جي ڇانوڻيءَ ۾ پهچايو ويو. انهي واقعي کان پوءِ ميرپور جي حاڪم مير شير محمد خان کي ڪاوڙ آئي ۽ حيدرآباد کان اٺن ميلن تي اتر طرف ”دٻي“ جي ميدان ۾ لشڪر وٺي پهتو. جنرل نيپيئر به لشڪر وٺي آيو. 24 مارچ 1843ع تي ”دٻي“ جي ميدان ڪارزار ۾ خونريز جنگ لڳي، جنهن ۾ مياڻيءَ جي جنگ جا بچيل بهادر نواب احمد خان لغاري ۽ هوش محمد شيدي وڏي بهادريءَ ۽ جانفشانيءَ سان وڙهيا ۽ شهادت جو جام پي وطن سنڌ تان گهورجي ويا. نيپئر جو ستارو عروج تي هو. اها جنگ به آسانيءَ سان کٽيائين. دٻي جي لڙائيءَ کانپوءِ جنرل کي ڊپ ٿيو ته متان بلوچ انگريزي ڪئمپ تي حملو ڪن ۽ انگريزن کي نقصان رسائين، ان ڪري سڀني مير صاحبن کي ڪئمپ مان ڪڍي درياهه جي وچ ۾ تيار بيٺل جهاز ۾ سوار ڪري چوڌاري سخت پهرو بيهاري ڇڏيائين. 12 اپريل 1843ع تي گورنر جنرل وٽان حڪم آيو ته مير صاحبن کي بمبئي (هندستان) موڪليو وڃي، جنهن تي نيپئر پهرين مير نصير محمد خان، مير حسين علي خان، مير محمد خان، مير يار محمد خان، مير شهداد خان ۽ مير رستم خان (خيرپور واري) کي ڏهن نوڪرن سان بمبئيءَ ڏياري موڪليو ۽ ٻئي جهاز ۾ مير حسن علي خان، مير عباس علي خان، مير فتح علي خان ثاني ۽ مير محمد علي خان موڪليا ويا. سڀئي مير صاحب 2 مئي تي بمبئي پهتا. گورنر مير صاحبن کي پنهنجي رهائشگاهه تي ترسايو ۽ بعد ۾ مالابار جي ٽڪريءَ ڏانهن موڪليو، جتان کين پوني ۽ ساسور پهچايو ويو. اتي کين ٻڌايو ويو ته هيءَ اوهان جي دائمي رهائش گاهه آهي. انهيءَ تي مير نصير خان سخت اعتراض ڪيو ۽ چيو ته آءٌ ڪلڪتي ۾ ايلنبرو سان ملندس، پوءِ جيڪو سندس حڪم هجي. مير صاحب کي ڪلڪتي پهچايو ويو، جتي ايلنبرو سان ملاقات ڪيائين ۽ کيس دمدمه ۾ رهايو ويو. جتي مير صاحب دل جي دوري پوڻ سبب 14 اپريل 1845ع تي 44 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. مير صاحب جي لاش کي هڪ سال دمدمه (ڪلڪتي) ۾ امانت طور دفن ڪيو ويو، ڇو ته مير صاحب وصيت ڪئي هئي ته کيس ڪربلا معليٰ ۾ دفن ڪيو وڃي، پر انگريزن جي سخت مخالفت سبب هڪ سال کانپوءِ کيس حيدرآباد ۾ ميرن جي قبن ۾ دفن ڪيو ويو. قيد واري عرصي ۾ مير نصير خان ٽالپر، حضرت امام رضا عليه السلام جي روضي اقدس تي هڪ قرآن مجيد هديه طور موڪليو، جيڪو اڄ به رضويه ميوزم، مشهد ۾ رکيل آهي. مير صاحب کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سان وڏي عقيدت هئي، جنهنڪري هن شاهه سائينءَ جي مقبري جي مرمت ڪرائي ۽ مقبري جي ڀرسان هڪ مسجد به تعمير ڪرائي. مير نصير خان سخي، ڪشاده دل ۽ شعر و ادب جو ذوق رکندڙ هو. سندس درٻار سان ڪيترائي ڏيهي توڙي پرڏيهي شاعر، اديب ۽ عالم لاڳاپيل رهيا. مير صاحب شاعريءَ جي ابتدا 19 سالن جي عمر ۾ ڪئي. شاعريءَ ۾ سندس استاد مير حسن شيرازي هو، جنهن جي ايران وڃڻ بعد آخوند محمد بچلانور“ کي شاعريءَ ۾ استاد ڪيائين. مير صاحب جو تخلص ”جعفري“ هو. سندس سڀ تصنيفون نظم ۾ آهن. مير نصير خان، مير ڪرم علي خان جي دور 1819ع ۾ ”قصه مرزا صاحبان“ فارسيءَ ۾ منظوم لکيو. اها مثنوي مير صاحب ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪئي ۽ ديباچو پنهنجي استاد آخوند محمد بچل کان لکرايو. جنهن ۾ هن ڄاڻايو ته مير نصير خان شعر و ادب ۾ پنهنجي وقت جي شاعرن کان مٿانهون آهي. هن 19 سالن جي ڄمار ۾ مثنوي ”مرزا صاحبان“ لکي ڪمال ڪيو. مياڻيءَ جي جنگ کانپوءِ مير صاحب ڪلڪتي ۾ شاعريءَ جو هڪ ديوان مرتب ڪيو. جنهن ۾ فارسي، اردو، غزل، مناقبا، مخمس، مسدس، قصيدا وغيره موجود آهن، اهو ديوان وطن کان پري، عزيزن، قريبن، دوستن، احبابن جي وڇوڙي، سفر جي تڪليفن، غريب الوطنيءَ ۽ قيد و بند جي احوال تي مشتمل آهي. مير نصير خانجعفري“، واجد علي شاهه ”اختر“ ۽ بهادر شاهه ”ظفر“ برصغير جا ٽي اهڙا تاجدار آهن، جن جي حياتي جا آخري ڏينهن جلاوطنيءَ، قيد، بند ۽ مصيبت ۾ گذريا. ٽيئي هم عصر هئا ۽ سندن حڪومت جو عرصو به لڳ ڀڳ ساڳيو هو. ٽيئي شاعر هئا ۽ ٽنهي جو موت پنهنجي وطن کان پري ٿيو. مير صاحب ۽ واجد علي شاهه ڪلڪتي ۾، ۽ بهادر شاهه ظفر رنگون ۾ وفات ڪئي. سندن علمي ۽ ادبي ڪارناما هميشه ياد رهندا. سنڌ جي ڏيهي عالمن ۽ اديبن مير صاحب جي شخصيت بابت ڪجهه به نه لکيو آهي، پر انگريزن ڪافي ڪجهه لکيو آهي. ڊاڪٽر جيمس برنس اهو پهريون انگريز آهي، جنهن مير صاحب سان روبرو ملاقات ڪئي هئي. ڊاڪٽر برنس لکي ٿو ته: ”جڏهن مون مير صاحب سان ملاقات ڪئي. ته ان وقت مير صاحب جي عمر 25 سال هئي. سنڌ جي شاهي خاندان ۾ هو سڀ کان وڌيڪ رلڻو ملڻو، خوش خلق، شڪل جو سهڻو ۽ نهايت فضيلت وارو شخص هو. حيدرآباد ايندي مون رستي ۾ مير صاحب جي شاعراڻي شعور جي گهڻي تعريف ٻڌي هئي، تنهنڪري مون پهرين ملاقات ۾ وجهه وٺي مير صاحب کان سندس تصنيف ”ديوان جعفري“ جي گهر ڪئي، ٿورن ڏينهن کان پوءِ، هن مون کي انهي تصنيف جو هڪ نهايت سهڻو ۽ با تصوير نسخو ڏنو. هو ٻين سڀني کان وڌيڪ بهادر هو، جنهن ڪري سپاهه ۾ ڏاڍي عزت هئس. ٽالپر خاندان مان هي هڪ شهزادو آهي، جنهن جي ترقيءَ ۽ اوج جو امڪان آهي.“ هڪ ٻئي انگريز عملدار ڪئپٽن پوسٽنس مير صاحب سان ملاقات ڪري پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته: ”حيدرآباد ۾ رهندڙ وڏو سردار نصير خان (مراد عليءَ جو آخري پٽ) هو، جيڪو وڏو امير، بيحد اخلاق وارو شهزادو ۽ سونهن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هو پنهنجي رعيت ۾ مقبول هو ۽ اسان جي سرڪار جا جيڪي اعليٰ عملدار ساڻس ملاقات لاءِ ايندا هئا، اهي کيس سندس اخلاق جي ڪري گهڻو پسند ڪندا هئا.“ ايسٽوِڪ لکي ٿو ته ”مير نصير خان، ٻين کي هڪدم پنهنجي طرف مائل ڪري وجهندو هو. جيتوڻيڪ هو بدن جو ٿلهو هو، پر سندس شڪل سهڻي هئي ۽ ڳالهائڻ جو انداز صاف ۽ وڻندڙ هو.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو