مير مراد علي خان ٽالپرعلي

مير مراد علي خان ٽالپرعلي:مير ڪرم علي خان جي وفات کانپوءِ مير مراد علي خان ٽالپر 1828ع ۾ سنڌ جو خود مختيار حاڪم ٿيو. هي مير پهرئين چؤياريءَ جو چوٿون ۽ آخري حڪمران هو. مير صاحب 54 سال سنڌ تي حڪومت ڪئي، مير مراد علي خان پاڻ کي پهرين ”سرڪار بلند احترام“ ۽ بعد ۾ ”سرڪار جھان مدار“ جي لقب سان سڏيو ويو، سندس لقب ’اميرالدوله بھادر‘ پڻ هو. مير مراد علي خان ٽالپر، هوشمند، ۽ داناءُ هو، هن پنھنجي سياسي، دانشمندي ۽ ڏاهپ سان ملڪ ۾ فساد ۽ تخريب ڪاريءَ کي وڌڻ جو موقعو نہ ڏنو. گاديءَ تي ويهڻ شرط مقامي سردارن سان پنھنجي لاڳاپن کي مضبوط ڪيائين، ۽ بعد ۾ ڀرپاسي وارن ملڪن جي سردارن سان نئين سر تعلقات بحال ڪيائين. خاص طرح ايران جي بادشاھہ فتح علي شاھہ قاچار سان سندس لاڳاپا ايتريقدر تہ محڪم ٿيا جو مير صاحب کي پنھنجي نياڻيءَ جو سڱ ڏيڻ جي آڇ ڪيائين، پر مير صاحب عمر رسيدہ هئڻ سبب انڪار ڪري ڇڏيو. هن جا مڪه معظم جي امام سان پڻ ناتا هئا ۽ هڪ قرآن مجيد روضہ رسولصه لاءِ تحفي طور موڪلي ڏنو هئائين. شاھہ شجاع الملڪ مير صاحب جي دور ۾ ٻيو ڀيرو لڌياني مان لڏي اچي سنڌ ۾ پهتو. حيدرآباد جي مير صاحبن سيد ڪاظم شاھہ کي، جيڪو ان وقت شڪارپور جو ناظم هو ۽ خيرپور جي ميرن فتح محمد غوريءَ کي شاھہ شجاع جي استقبال لاءِ سبزل ڪوٽ ڏياري موڪليو ۽ کيس عزت ۽ احترام سان شڪارپور ۾ آندو ويو. شاھہ شجاع الملڪ ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ معاهدو ٿيو تہ ٽالپرن کان چاليھہ هزار خرچ جا وٺي چاليھہ ڏينهن رهڻ بعد خراسان هليو ويندو. ٽالپرن چاليھہ هزار خرچ جا ڏنا ۽ چاليھہ ڏينهن بہ گذري ويا، پر شاھہ شجاع وڃڻ جي ئي نہ ڪري، رهندو جنگ جو سامان، پيادي ۽ سوار فوج جمع ڪرڻ ۾ لڳو. سيد ڪاظم شاھہ، شاه شجاع الملڪ جي خدمت گذاريءَ لاءِ موجود هو ۽ سمورن انتظامن کي احسن نموني سان انجام ڏئي رهيو هو ۽ ڪوشش ڪري رهيو هو تہ ڪهڙي بہ طرح شجاع الملڪ خراسان هليو وڃي، پر هن وڌيڪ خرچ ۽ سامان لاءِ اٺ گهريا، جڏهن اها خبر مير مراد علي کي پهتي تہ مير صاحب جواب ڏياري موڪليو تہ اهڙا اٺ سنڌ ۾ نہ آهن، جيڪي خراسان تائين سامان کڻي هلن جيڪڏهن اوهان کي سامان کڻي وڃڻو آهي تہ اوهان کي گاڏيون مهيا ڪري ڏجن. اهو جواب ٻڌي شجاع الملڪ حيران ٿيو. ڏيڍ مهينو ڳالهيون هليون پر ڪجهہ بہ حاصل نہ ٿيو. انهيءَ دوران مير مراد علي خان جو اوچتو انتقال ٿيو. مير صاحب جي وفات جي خبر شاه شجاع کي ملي تہ هو نهايت غمگين ٿيو ۽ پنھنجي ڏک جو اظهار ڪندي چيائين ”مرحوم مير صاحب نهايت هوش مند، تجربي ڪار ۽ زماني جي لاھہ، چاڙھہ، کان واقف ۽ وقت شناس هو، سندس پٽ نوجوان ۽ زماني جي سردي گرمي کان ناواقف آهن، ڏسڻو آهي تہ هاڻي سرڪار اسان سان ڪهڙا ٿي تعلقات رکي.“ مير ڪرم علي خان وانگر مير مراد علي خان بہ شاعر هو. مير مراد علي خان جهڙو بھادر ۽ عقلمند هو، تهڙو سخن فهم، عالم ۽ شاعر هو. ”علي“ تخلص اختيار ڪيو هئائين. مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان جي درٻار ۾ عالم ۽ شاعر موجود رهندا هئا. پاڻ بہ بلند پائي جو شاعر هو. مير مراد علي خان ڀاءُ جي وفات کان پوءِ سنڌ جو حاڪم ٿيو، هن پهريون ڀيرو پنھنجي نالي جو سڪو رائج ڪيو. حيدرآبادي فتح خان لوهار هٿان ضرب خانو کولايائين. چاليهن کان پنجاھہ اشرفيون (سونا سڪا) رائج ڪيائين. مير صاحب خزاني ۾ موجود سمورو سون ضرب خاني جي حوالي ڪرايو، پر ڪم پوري ٿيڻ کان اڳ وفات ڪري ويو ۽ ضرب خاني جو ڪم اڌورو رهجي ويو. مير صاحب جي تصنيفن ۾ ”ديوان علي“ ۽ ”طبِ مراد“ ملن ٿا. هن 1248 ھہ (1832ع) ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو