مير مراد علي خان ٽالپرعلي

مير مراد علي خان ٽالپرعلي:مير ڪرم علي خان جي وفات کانپوءِ مير مراد علي خان ٽالپر 1828ع ۾ سنڌ جو خود مختيار حاڪم ٿيو. هي مير پهرئين چؤياريءَ جو چوٿون ۽ آخري حڪمران هو. مير صاحب 54 سال سنڌ تي حڪومت ڪئي، مير مراد علي خان پاڻ کي پهرين ”سرڪار بلند احترام“ ۽ بعد ۾ ”سرڪار جهان مدار“ جي لقب سان سڏيو ويو، سندس لقب ’اميرالدوله بهادر‘ پڻ هو. مير مراد علي خان ٽالپر، هوشمند، ۽ داناءُ هو، هن پنهنجي سياسي، دانشمندي ۽ ڏاهپ سان ملڪ ۾ فساد ۽ تخريب ڪاريءَ کي وڌڻ جو موقعو نه ڏنو. گاديءَ تي ويهڻ شرط مقامي سردارن سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط ڪيائين، ۽ بعد ۾ ڀرپاسي وارن ملڪن جي سردارن سان نئين سر تعلقات بحال ڪيائين. خاص طرح ايران جي بادشاهه فتح علي شاهه قاچار سان سندس لاڳاپا ايتريقدر ته محڪم ٿيا جو مير صاحب کي پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ ڏيڻ جي آڇ ڪيائين، پر مير صاحب عمر رسيده هئڻ سبب انڪار ڪري ڇڏيو. هن جا مڪه معظم جي امام سان پڻ ناتا هئا ۽ هڪ قرآن مجيد روضه رسولصه لاءِ تحفي طور موڪلي ڏنو هئائين. شاهه شجاع الملڪ مير صاحب جي دور ۾ ٻيو ڀيرو لڌياني مان لڏي اچي سنڌ ۾ پهتو. حيدرآباد جي مير صاحبن سيد ڪاظم شاهه کي، جيڪو ان وقت شڪارپور جو ناظم هو ۽ خيرپور جي ميرن فتح محمد غوريءَ کي شاهه شجاع جي استقبال لاءِ سبزل ڪوٽ ڏياري موڪليو ۽ کيس عزت ۽ احترام سان شڪارپور ۾ آندو ويو. شاهه شجاع الملڪ ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ معاهدو ٿيو ته ٽالپرن کان چاليهه هزار خرچ جا وٺي چاليهه ڏينهن رهڻ بعد خراسان هليو ويندو. ٽالپرن چاليهه هزار خرچ جا ڏنا ۽ چاليهه ڏينهن به گذري ويا، پر شاهه شجاع وڃڻ جي ئي نه ڪري، رهندو جنگ جو سامان، پيادي ۽ سوار فوج جمع ڪرڻ ۾ لڳو. سيد ڪاظم شاهه، شاه شجاع الملڪ جي خدمت گذاريءَ لاءِ موجود هو ۽ سمورن انتظامن کي احسن نموني سان انجام ڏئي رهيو هو ۽ ڪوشش ڪري رهيو هو ته ڪهڙي به طرح شجاع الملڪ خراسان هليو وڃي، پر هن وڌيڪ خرچ ۽ سامان لاءِ اٺ گهريا، جڏهن اها خبر مير مراد علي کي پهتي ته مير صاحب جواب ڏياري موڪليو ته اهڙا اٺ سنڌ ۾ نه آهن، جيڪي خراسان تائين سامان کڻي هلن جيڪڏهن اوهان کي سامان کڻي وڃڻو آهي ته اوهان کي گاڏيون مهيا ڪري ڏجن. اهو جواب ٻڌي شجاع الملڪ حيران ٿيو. ڏيڍ مهينو ڳالهيون هليون پر ڪجهه به حاصل نه ٿيو. انهيءَ دوران مير مراد علي خان جو اوچتو انتقال ٿيو. مير صاحب جي وفات جي خبر شاه شجاع کي ملي ته هو نهايت غمگين ٿيو ۽ پنهنجي ڏک جو اظهار ڪندي چيائين ”مرحوم مير صاحب نهايت هوش مند، تجربي ڪار ۽ زماني جي لاهه، چاڙهه، کان واقف ۽ وقت شناس هو، سندس پٽ نوجوان ۽ زماني جي سردي گرمي کان ناواقف آهن، ڏسڻو آهي ته هاڻي سرڪار اسان سان ڪهڙا ٿي تعلقات رکي.“ مير ڪرم علي خان وانگر مير مراد علي خان به شاعر هو. مير مراد علي خان جهڙو بهادر ۽ عقلمند هو، تهڙو سخن فهم، عالم ۽ شاعر هو. ”علي“ تخلص اختيار ڪيو هئائين. مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان جي درٻار ۾ عالم ۽ شاعر موجود رهندا هئا. پاڻ به بلند پائي جو شاعر هو. مير مراد علي خان ڀاءُ جي وفات کان پوءِ سنڌ جو حاڪم ٿيو، هن پهريون ڀيرو پنهنجي نالي جو سڪو رائج ڪيو. حيدرآبادي فتح خان لوهار هٿان ضرب خانو کولايائين. چاليهن کان پنجاهه اشرفيون (سونا سڪا) رائج ڪيائين. مير صاحب خزاني ۾ موجود سمورو سون ضرب خاني جي حوالي ڪرايو، پر ڪم پوري ٿيڻ کان اڳ وفات ڪري ويو ۽ ضرب خاني جو ڪم اڌورو رهجي ويو. مير صاحب جي تصنيفن ۾ ”ديوان علي“ ۽ ”طبِ مراد“ ملن ٿا. هن 1248 هه (1832ع) ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو