مير مير محمد خان ٽالپر: خان ٽالپر'>مير مير محمد خان ٽالپر، مير غلام علي خان ٽالپر جو فرزند هو. ولادت تي عظيم ٺٽويءَ هڪ قطع تاريخ چئي پنھنجي محبت جو اظهار ڪيو. والد جي وفات کان پوءِ چاچن جو مددگار رهيو ۽ 1843ع ۾ انگريزن جي سنڌ تي قبضي بعد پنھنجي عزيزن سان قيد ٿي ڪلڪتي ويو. 1854ع ۾ جڏهن لارڊ ڊلهائوسيءَ جي سفارش تي ٽالپرن کي سنڌ ۾ اچڻ جي اجازت ملي، تڏهن مير صاحب دهليءَ ۽ پنجاب کان ٿيندو حيدرآباد پهتو. سنڌ ۾ واپس اچڻ کان پوءِ حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مقبري لاءِ چانديءَ جو دروازو ٺهرائي روضي تي لڳرايائين ۽ ان کان پوءِ جلد مير صاحب جو حيدرآباد ۾ انتقال ٿيو. مير صاحب کي سندس آبائي قبرستان، ميرن جي قبن وٽ هڪ الڳ مقبري ۾ دفن ڪيو، جنهن مقبري ۾ سندس فرزند مير شاهنواز بہ دفن ٿيل آهي.