مير نور محمد خان ٽالپراول

مير نور محمد خان ٽالپراول:1834ع ۾ مير مراد علي خان ٽالپر جي وفات کان پوءِ سندس وڏو فرزند مير نور محمد خان عرف ”سرڪار عالي مدار“ سنڌ جو حڪمران ٿيو. مير صاحب پنهنجي ننڍي ڀاءُ مير محمد نصير خان ۽ سئوٽن مير محمد خان ٽالپر ۽ مير صوبدار خان کي حڪومت ۾ شامل ڪيو. سنڌ ۾ پهرين چوياري ختم ٿيڻ بعد مير نور محمد خان جي سربراهيءَ ۾ ٻي چوياري وجود ۾ آئي، جنهن جو پهريون حاڪم مير صاحب مقرر ٿيو. مير صوبدار خان جو پٽ محمد علي خان پنهنجي نظر بنديءَ واري دور ۾ ”شهنشاهه نامه“ (منظوم) فارسيءَ ۾ تصنيف ڪيو هو. جنهن ۾ هڪ هنڌ مير صاحب لکيو آهي ته جيڪڏهن مير نور محمد خان اڃا زنده هجي ها ته اسان جي حڪومت هرگز ختم نه ٿئي ها. جيئن ته الله تعاليٰ کيس سياسي شعور ۽ عقل عطا ڪيو هو. ان جي بنياد تي انگريز کانئس ڊڄندا هئا. مير مراد علي خان جي وفات کان پوءِ شاهه شجاع، رنجيت سنگهه ۽ انگريزن پنهنجي سياسي چالن سبب حڪومت کي ڏاڍو پريشان ڪيو. پر مير صاحب کين پنهنجي سياسي بصيرت سان منهن ڏنو. شاه شجاع الملڪ جي اميرن، شاهه جي اجازت سان پهرين مير مراد علي خان جي وفات تي هڪ تعزيت نامو موڪليو ۽ قاضي محمد حسن جي معرفت سفر جي خرچ پکي ۽ اٺن ڏيڻ واري وعدي جي يادگيريءَ ڏياري، پر ٽالپرن کيس صفا جواب ڏياري موڪليو. جيئن ته مير مراد علي خان، شڪارپور جلاوطن شاهه شجاع کي صرف مهمانداريءَ لاءِ ڏنو هو پر هاڻي هو شڪارپور کي هضم ڪرڻ لاءِ سوچي رهيو هو. مير صاحب آغا ڪاظم شاهه کي، جيڪو ان وقت شڪارپور جو حاڪم هو، هڪ لشڪر موڪليو. خيرپور جي ٽالپرن به گولي شاه جي سربراهيءَ ۾ هڪ لشڪر ڪاظم شاهه جي مدد لاءِ روانو ڪيو. مقابلو سخت ٿيو، جنهن ۾ گولو شاهه مارجي ويو. ٽالپري لشڪر غيظ ۽ غضب ۾ اچي ويو. شاه شجاع الملڪ وڌيڪ جنگ لاءِ تيار نه هو، سندس لشڪر تي ٽالپرن جو رعب ويهي ويو، ان ڪري شجاع الملڪ صلح جو پيغام موڪليو ۽ سفر جي خرچ پکي لاءِ 12 لک رپين جي طلب ڪئي.ٽالپرن نيڪ طبعيءَ جو مظاهرو ڪندي شاهه شجاع جي گهرج پوري ڪري کيس هڪ ڀيرو وري لڌياني ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو ۽ شڪارپور جي نظامت آغا ڪاظم جي ڀاءُ آغا زين العابدين جي حوالي ڪئي وئي. سن 1252 هه/ 1836ع ۾ شاه شجاع الملڪ انگريزن کي درخواست ڪئي ته کيس امدادي لشڪر ڏئي ڪابل جو تخت ۽ تاج ٻيهر وٺرائي ڏنو وڃي. هندستان جي گورنر جنرل لارڊ آڪلنڊ، وليم ميڪناٽن کي ان ڪم تي مقرر ڪري بمبئيءَ جي فوج کي سر جان ڪين جي سربراهيءَ ۾ ڪابل رواني ڪئي ۽ ڪرنل هينري پاٽنجر کي ڪڇ مان سنڌ ۾ موڪليو ويو ته جيئن اُهو ٽالپرن کان لشڪر گذرڻ لاءِ اجازت نامو حاصل ڪري. سنڌ جي بد بختي انهي ڏينهن شروع ٿي، جنهن ڏينهن ڪابل جي تخت حاصل ڪرڻ جو منصوبو شجاع الملڪ ۽ انگريزن گڏجي ٺاهيو. فوجن جي پهچڻ کان اڳ ڪرنل پاٽنجر حيدرآباد جي قلعي ۾ ٽالپرن سان ملاقات ڪئي، مير نور محمد خان مخالفت ڪندي به عهدنامي تي عمل ڪرڻ جو يقين ڏياريو، ڪرنل پاٽنجر قلعي کان ٻاهر نڪري مٿس حملو ڪيو، مير نور محمد خان پنهنجي ڀائرن ۽ مصاحبن سان گڏ قلعي کان ٻاهر آيو ۽ معاملي کي احسن طريقي سان رفع دفع ڪيائين. اڃا عهد نامي تي ڳالهه ٻولهه جاري هئي ته انگريز فوج ڪراچيءَ بندر تي پهچي، اُن تي زوريءَ قبضو ڪيو. مير صاحب، آغا اسماعيل شاهه کي سر جان ڪين سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ موڪليو. ڪرنل پاٽنجر، آغا صاحب کان اڳي ڪراچي پهچي چڪو هو، حالتن جي اوچتي تبديلي ۽ فرنگين جي اچانڪ پهچڻ تي حيدرآباد جي اميرن مجبور ٿي انگريزن سان هڪ نئون عهد نامو ڪيو. سنڌ جي تباهي انهيءَ عهد نامي سان شروع ٿي. انگريزن جو پهريون نمائندو ڪرنل پاٽنجر حيدرآباد ۾ ۽ خيرپور ۾ راس بيل مقرر ٿيو. تقريباً ڏيڍ سال بعد راس بيل مري ويو ۽ خيرپور جي چارج به پاٽنجر کي ملي. ٿوري عرصي بعد پاٽنجر بيمار ٿي پيو ۽ واپس لنڊن هليو ويو. ان بعد ڪيپٽن ليڪي جي مقرري ٿي، پر اُهو به جلد بمبئي هليو ويو ۽ ڪيپٽن ايسٽوِڪ نمائندو ٿي آيو. هو هڪ سنڌ دوست انگريز عملدار هو، جنهن پنهنجو جڳ مشهور ڪتاب DRY LEAVES FROM YOUNG EGYPT لکيو آهي، جنهن ۾ هن انگريزن جي فريب ڪارين ۽ ظلمن جو پردو چاڪ ڪيو آهي. انگريزن جو آخري نمائندو ڪرنل آئوٽرام هو، جنهن جي دور ۾ جرنل نيپئر سنڌ آيو ۽ مياڻيءَ جي جنگ کان پوءِ هن پر فريب ڊرامي جو خاتمو ٿيو. سر جان ڪين جو لشڪر درياهه جي رستي کان حيدرآباد پهتو. لشڪر جي فرنگي عملدارن حيدرآباد جو شهر ڏسڻ گهريو، شهر جي ڪوٽوال (هن وقت جو ڪمشنر جو عهدو) سيد جئندل شاهه سخت خطرو محسوس ڪندي به اهڙو بهترين انتظام ڪيو، جو انگريزن صبح کان شام تائين حيدرآباد جو شهر سڪون ۽ اطمينان سان گهمي ڏٺو. سر جان ڪين 1254 هه/ 1838ع ۾ شاه شجاع کي تخت تي ويهاري واپس هندوستان وڃڻ لاءِ سنڌ پهتو. سنڌ پهچڻ تي مير نور محمد خان طرفان کيس 16 توپن جي سلامي ڏني وئي مير صاحب پنهنجي ڀائرن ۽ سلطنت جي نامور اهلڪارن سان گڏجي پاڻ سندس استقبال ڪيو. بعد ۾ جان ڪين حيدرآباد جي قلعي ۾ مير صاحب جي سلاميءَ لاءِ حاضر ٿيو ۽ مير صوبدار خان سان الڳ سندس جاءِ تي ملاقات ڪيائين. انهي واقعي کانپوءِ مير صاحب جلد بيمار ٿي پيو. هندستان مان هڪ انگريز ڊاڪٽر کي به گهرايو ويو پر سڀ علاج رائيگان ثابت ٿيا. مير صاحب سن 1256 هه/ 1840ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار مير ڪرم علي خان جي مقبري جي ڀرواريءَ تجر ۾ مير نصير خان ۽ مير شهداد خان جي وچ ۾ آهي. ٽالپر خاندان ۾ هي پهريون حاڪم پڻ هو، جيڪو بهترين خطاط ۽ شاعر هو. سندس درٻار ۾ عالم، شاعر، دانشور ۽ اديب موجود رهندا هئا. مير صاحب هڪ قرآن مجيد حضرت امام علي رضا عليه السلام جي روضي تي موڪليو هو، جيڪو هن وقت مشهد جي ميوزم ۾ موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو