مينگهو فقيرشر

مينگهو فقيرشر: فقير مينگهو شر ولد فقير غلام حيدر 27 رجب 1233ھہ / 1818ع ۾ ضلعي خيرپور جي ڳوٺ مينگهي شر ۾ پيدا ٿيو. سندس اصل نالو حبيب هو، پر ننڍي هوندي کيس هڪ ساڌو فقير ’مينگهو ڏنگراج‘ نالي سان سڏيو، جنهن کان پوءِ مينگهو نالي سان مشھور ٿيو. ان زماني جي وڏن وڏن عالمن سان سندس صحبتون هيون. هن پنھنجي والد غلام حيدر شر جي قبر تي قبو اڏايو ۽ ان تي ساليانو ميلو هڻائيندو هو. فقير غلام حيدر جي ڪلام جي ڇپيل ڪتاب ۾ سندس ڪافيون ڏنل آهن. سندس ڪافيءَ جو نمونو هي آهي: لايو نينھن ننڊون ڪري، ڇو سمهين ساري رات، اٿي اسر ويل جو هي، بابو ٻولن بات، ڪهَندا وڃن ڪيچ ڏي، اهي مُنڌ ڇڏيو محلات، غازي گورکناٿ کي، مليا منجهيئي محلات، ترڪي تيرٿ تي هليا، ڪهندا وڃن قلات، ڪنين ڪنڍل ڪيوٽيون، اٿن پورب وائي وات، سامين ڪئي آهي سرير ۾، ‘مينگها’ ملاقات.


هن صفحي کي شيئر ڪريو