ميون تماچي اوريئڙي وارو

ميون تماچي اوريئڙي وارو: شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ جي خليفن مان، ميون تماچي نهڙيو اوريئڙي وارو بہ پنھنجي وقت جو ڀلوڙ شاعر هو. هي بزرگ اصل بلڙيءَ ۾ پنھنجي مرشد وٽ رهندو هو. اتان کيس حڪم ٿيو تہ ”تون اوريئڙي ۾ وڃي رھہ“،پر هن کي مرشد ڇڏڻ تي دل نٿي ٿي. جڏهن شاھہ ڪريم بلڙيءَ واري مٿس گهڻو زور رکيو، تڏهن بلڙيءَ مان نڪري ولهاريءَ جي ڀرسان، پراڻ جي هڪ لئي تي چڙهي وڃي ويهي رهيو. منهن بلڙي شريف ڏانهن هئس. اتي سڄو سال مرشد سڳوري جي حب ۾ روئندو رهيو ۽ نيٺ روئي روئي اکيون وڃائي ويٺو. آخر مرشد کي مٿس مھر جي نظر ڪرڻي پئي ۽ هن قربائتي جوڳيءَ کي شاھہ ڪريم پاڻ پنهنجن هٿن سان ڇڏي آيو ۽ تبارڪ و تعاليٰ کان دعا گهري کيس اکيون بہ وٺرائي ڏياريائين: موڪل گهرم منهنجا پرين، وٽان وڃ م تون، تنين سڀڪين سريو، جنين ڏٺو تون، ڀيڙو ڪري ڀون، پوءِ موڪل ٿئي منهنجا پرين. جن کي وڃڻو هوندو آهي، سي ويندا آهن، لفظن سان ڪو نہ روڪبا آهن. شاھہ ڪريم، مئين تماچيءَ کي اوريئڙي ۾ ڇڏي بلڙي شريف موٽي آيو. شاھہ ڪريم جو فدائي اتي هنجون هاريندو هو، مرشد ساريندو، ڏينهن گذاريندو رهيو. اتي ئي وفات ڪيائين. جبل تي سندس قبر آهي، پاڻ ڪڇ ۾ ولي جي نگاھہ سان ڏٺو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو