نارائڻ جگن ناٿ وئديه

نارائڻ جگن ناٿ وئديه

نارائڻ جگن ناٿ وئديه

نارائڻ جگن ناٿ وئديه: ڊاڪٽر روپالي موڪاشي موجب، ”نارائڻ جگن ناٿ وئديه مھاراشٽر جي چندر سيناڪيئما پرڀو قبيلي سان تعلق رکندڙ هو.“ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي موجب، ”هو 1825ع ۾ پيدا ٿيو ۽ مھاراشٽر جو رهندڙ عالم هو.“ ڊاڪٽر آفتاب ابڙو لکي ٿو ته: ”نارائڻ جگن ناٿ اصل ميرٺ جو هو، سندس مادري ٻولي ميرٺي هئي. انگريزن جي ابتدائي دؤر ۾ تعليم کاتي جي اعليٰ عملدار طور سنڌ آيو. 1852ع ۾هن سنڌي ٻوليءَ بابت خاص امتحان پاس ڪيو، جنھن عيوض کيس 20 رپيا سالياني انڪريمنٽ ملي. مارچ 1853ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر ۽ سندس معاون بي. ايڇ ايلس سنڌ ۾ عربي- سنڌي لکت رائج ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ اٺ رڪني ڪميٽيءَ جوڙي. ان ڪميٽيءَ ۾ ديوان ننديرام، ديوان پرڀو داس آنندرام، ميان غلام حسين، قاضي غلام علي، ميان محمد، سيد ميران محمد شاهه (اول)، ديوان اڌارام ۽ اٺون ميمبر نارائڻ جگن ناٿ هو. هن ڪميٽي جون ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ گڏجاڻيون ٿيون، جن ۾ نارائڻ جگن ناٿ جي موجودگي، هندي ۽ سنسڪرت حرفن جي تشريح ۽ اڀياس بابت وڏي مدد مھيا ڪئي. 1855ع ۾ ”ورنيڪولر انگلش ميڊيم اسڪول“ ڪراچيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ ترقي ڪندي مارچ 1872ع ۾ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جي عھدي تي فائز ٿيو. ”نارائڻ جگن ناٿ پھريون غير يورپي، غير سنڌي عملدار هو، جيڪو ”انگريزي، سنسڪرت، سنڌي ۽ فارسي زبانن ۾ مھارت رکندو هو. انگريز عملدار تعليم ۽ ٻوليءَ جي معاملن ۾ کيس شامل رکندا هئا. هن پنھنجي ايامڪاري ۾ نوان اسڪول قائم ڪرايا ۽ شاگردن جي حاضريءَ ۾ اضافو ڪرايو. خداوادي خط جي اصلاح ۽ نفاذ لاءِ ڪوششون ورتيون. درسي ڪتابن جي اشاعت ۾ سندس اهم ڪردار رهيو. شڪارپور شھر ۾ اسڪول قائم ڪرڻ کان سواءِ هن پنھنجي نالي سان لائبرري به قائم ڪئي، جنھن جو بعد ۾ نالو بدلائي ’بيدل لائبرري‘ رکيو ويو. سنڌ جي، اسڪولن جي تعليمي ۽ امتحاني نظام سميت انسپيڪشن جي منظم طريقيڪار کي لاڳو ڪرڻ ۾ سندس اهم ڪردار رهيو. هن کي سنسڪرتي ادب توڙي پراڻا قلمي نسخا گڏ ڪرڻ جو وڏو شوق هو. هن تعليم کاتي طرفان پھريون سنڌي مخزن ’سنڌ سڌار‘ 1866ع ۾ جاري ڪيو، جنھن جو پھريون ايڊيٽر به پاڻ هو. جاگرافيءَ جي موضوع تي ’ڌرتي نروار‘ نالي مختصر ڪتاب 1855ع ۾ لکيو، جيڪو ٻن جلدن ۾ ڇپيو ۽ ڪافي عرصو نصاب ۾ شامل رهيو. 1855ع ۾ رياضيءَ جي مضمون تي، خداوادي خط ۾ سندس ڪتاب ’ليکي جي پيڙهه‘ تعليم کاتي طرفان شايع ٿيو. 21 جولاءِ 1873ع تي هو ڪراچي ڇڏي، پوني هليو ويو، جتي هن کي اسڪولي ڪتابن جي هڪ ڪميٽيءَ تي بمبئي پريزيڊنسيءَ طرفان مقرر ڪيو ويو هو. 1874ع ۾، ايجوڪيشنل انسپيڪٽر طور ميسور ۾ سندس مقرري ٿي. سنڌ جي تعليم کاتي واري انتظامي تجربي جي آڌار تي هن، ميسور جي تعليمي ۽ امتحاني نظام ۾ ڪيترائي سڌارا آندا. هو پھريون هندستاني هو، جنھن کي برطانوي حڪومت ميسور جو ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن مقرر ڪيو. 1874ع ۾ ئي کيس بمبئي يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو ميمبر پڻ مقرر ڪيو ويو. ساڳئي سال هو امتحانن جي سلسلي ۾ ميسور کان سنڌ آيو، جتي شديد گرمي سبب سندس طبيعت خراب ٿي پئي، جنھن سبب هو واپس هندستان هليو ويو ۽ 22 مارچ 1874ع تي بمبئي ۾ وفات ڪئي. سرڪار، سندس خدمتن طور ڪيترائي خطاب ۽ وظيفا جاري ڪيا. 1873ع ۾ کيس ’راءِ بھادر‘ جو خطاب مليو. سندس وفات تي، بمبئي سرڪار کيس خراج تحسين پيش ڪندي ڪراچيءَ جي مشھور ورنيڪيولر اسڪول کي سندس نالي پويان منسوب ڪيو. شروع ۾ اسڪول کي فقط ’نارائڻ جگن ناٿ اسڪول‘ سڏيو ويندو هو. اسڪول بابت ايڇ ٽي سورلي لکي ٿو ته، ”1939ع ۾ نارائڻ جگن ناٿ جي پوٽي سي. ڊي وئديه (ولد گنجن وشنو وئديه) جيڪو ان وقت بمبئيءَ جو نالي وارو بئريسٽر ۽ وڪيل هو، ان هڪ درخواست ڏني ته نارائڻ جگن ناٿ جي پويان سندس خانداني نالو ’وئديه‘ پڻ لڳايو وڃي. سرڪار سندس درخواست قبول ڪندي، اسڪول جو نالو ’نارائڻ جگن ناٿ وئديه‘ (NJV) اسڪول ڪري ڇڏيو.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو