نجار

لنجار (ذات): سمن جي هڪ ذات. هي لاکي ۽ لنجي جو اولاد آهن. ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي ته سنڌ جو مشھور بزرگ درويش مخدوم ساهڙ لنجار پڻ انهيءَ قبيلي مان هو. کاري ۽ سيوهڻ جي ڀرسان هنن جا ڪافي ڳوٺ آهن. پروفيسر حاجي محمد اسماعيل آغا، ماهوار رسالي ’السنڌ‘ (مئي، جون 2000) واري شماري ۾ پنھنجي تحرير ۾ خيال ڏيکاريو ته لنجار اصل ۾ النجار آهن، جيڪي محمد بن قاسم سان گڏجي سنڌ ۾ آيا هئا، جن بعد ۾ پاڻ کي ’لنجار‘ سڏايو. سندس لکڻ موجب بزرگ ساهڙ لنجار، ميان حبيب الله لنجار ۽ ميان عبدالخالق لنجار هن خاندان مان آهن، جيڪي اصل ۾ ’النجار‘ هئا. ’النجار‘ عربيءَ ۾ واڍي کي چون ٿا. يعني هي ڪرت پٺيان سڏجندڙ ذات آهي.
ڄام لاکي جي اولاد کي به لنجار چون ٿا، جيڪي سمن ۽ سميجن مان آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان، لنجارن کي کاري ۾ رهندڙ مسلمان ذات لکيو آهي. کارو ٺٽي ضلعي جو سامونڊي ڪنارو آهي. هن ذات وارا نوابشاهه، نوشھرو فيروز، مانجهند، انڙپور، کاڻوٺ ۽ ڪوٽڙيءَ ۾ اڪثريت ۾ رهن ٿا.


لفظ نجارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو