نسرين چانڊيو

نسرين چانڊيو : نامور سياستدان نسرين چانڊيو 1966ع ڌاري حيدرآباد شھر ۾ محمد باقر چانڊئي جي گهر ۾ جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم حيدرآباد مان ورتي، پر پوءِ سندس خاندان لڏي وڃي ڪراچي آباد ٿيو، هن وڌيڪ ايم. اي تائين تعليم ڪراچيءَ مان ئي ورتي. هن جو شروع کان وٺي پيپلز پارٽيءَ سان لاڳاپو رهيو آهي. سندس خاندان جا فرد پيپلز پارٽيءَ جي بنيادي ميمبرن مان آهن. نسرين کي پيپلز پارٽيءَ پاران 1988ع ۾ سٽي ايريا جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. ان بعد ڪراچيءَ جي ضلعي ڏکڻ جي 7 سال اطلاعات جي سيڪريٽري رهي، جڏهن تہ بعد ۾ کيس ڪراچي ڊويزن جو سيڪريٽري اطلاعات مقرر ڪيو ويو، جتي ڪجهہ عرصي تائين ڪم ڪرڻ کانپوءِ ضلعي ڏکڻ جي عورتن واري ونگ جو صدر مقرر ڪيو ويو. 2002ع ۾ کيس عورتن جي مخصوص سيٽ تي چونڊيو ويو. ان دؤر ۾ پيپلز پارٽي اپوزيشن سيٽن تي ويٺل هئي. نسرين سنڌ اسيمبليءَ ۾ عوامي مسئلن تي ڀرپور آواز اٿاريو. نسرين چانڊيو هڪ باوقار ۽ بھادر عورت آهي. هن پنھنجي سياسي جدوجھد دوران اڊيالا ۽ سينٽرل جيل ڪراچي جي ياترا سميت 9 ڀيرا گرفتار ٿي جيل وڃي چڪي آهي ۽ محترمہ بينظير جي سوئز اساسن جي معاملي تي سوئز سفارتخاني جي سامهون 45 ڏينهن بک هڙتال بہ ڪري چڪي آهي. نسرين سياست کان علاوہ 1988ع واري دؤر ۾ هڪ سنڌي اخبار ۾ ڪرائم رپورٽنگ پڻ ڪئي. هوءَ هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو