نظر سنڌي

نظر سنڌي: سنڌي ٻوليءَ جو اهم شاعر نظر سنڌي اصل نالو اميربخش عالماڻي، پهرين اپريل 1933ع تي موري جي ڀرسان ڳوٺ جھان خان عالماڻيءَ ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو جان محمد عالماڻي هو. ابتدائي تعليم پنھنجي وڏي ڀاءُ کان حاصل ڪيائين. سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري، 1947ع ۾ تعليم کاتي ۾ ملازم ٿيو. نظر سنڌيءَ جي غزل ۾ نزاڪت ۽ نازڪ خيالي سمايل آهي. سندس غزل ۾ سنڌ جي ٻين گهڻن شاعرن جي ڀيٽ ۾ فصاحت، سلاست ۽ رواني وڌيڪ آهي. پاڻ سنڌي غزل جو اهم شاعر هو. درس تدريس سان گڏوگڏ شاعريءَ سان جنون جي حد تائين پيار ڪندو هو. نوابشاھہ جي ادبي سرگرمين جو اصل باني نظر سنڌي هو ۽ استاد شاعر جي حيثيت رکندو هو. سنڌي ادبي سنگت، نوابشاھہ جو سرگرم ميمبر هو. مشھور شاعرن بردي سنڌي، نور عباسيءَ ۽ منظور حسين قريشيءَ سان گڏ سنگت جي گڏجاڻين ۾ حصو وٺندو هو. سندس وفات 20 نومبر 1967ع تي ٿي.


لفظ نظر سنڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.04.01  عيسوي

نظر سنڌي پهرين اپريل 1933ع تي موري جي ڀرسان ڳوٺ جهان خان عالماڻيءَ ۾ ڄائو


1967.11.20  عيسوي

نظر سنڌي جي وفات 20 نومبر 1967ع ۾ ٿي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دقيقي
اختر انصاري اڪبرآبادي
حاجي محمد اسحاق هالائي
آريجو غلام عمر غلام
عمرالدين بيدار
جعفر جاني
ڀون سنڌي
بچل
احسان فقير لانگاھہ
بھرام گور2
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون