ڊاڪٽر نظير احمد چارڻ

ڊاڪٽر نظير احمد چارڻ

نظير احمد چارڻ ڊاڪٽر

نظير احمد چارڻ ، ڊاڪٽر: مشھور هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر، ليکڪ ۽ مترجم نظير احمد چارڻ، 2 جون 1947ع تي ڳوٺ پنھور ٻٽڙا، تعلقي جوهي، ضلعي دادو ۾ ڄائو. بي. اي تائين تعليم دادوءَ مان، ايم. اي سوشالاجي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1970ع ڌاري ڪئي. ان کانپوءِ 1990ع ۾ هوميوپيٿيءَ ۾ چئن سالن جو ڪورس ڪيو، کيس 1992ع ۾ ’پاڪستان ڪائونسل آف هوميوپيٿيءَ‘ گولڊ ميڊل مليو. 1994ع ڌاري جرمنيءَ مان ’بيچلر آف هوميوپيٿڪ ميڊيسن‘ جي ڊگري حاصل ڪئي. هي پھريون سنڌي هو، جنھن جرمنيءَ مان هوميوپيٿڪ ميڊيسن ۾ گرئجوئيشن ڪئي. ان کانسواءِ عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ ٻين زنانين بيمارين ۾ اسپيشلائيزيشن پڻ ڪئي. هن هوميوپيٿيءَ بابت اخبارن ۾ تحقيقي ۽ معلوماتي مضمون لکي، ڊينگي بخار، لشميناسس، انٿراڪس بيمارين، پاڻيءَ ۾ سنکيي، نانگ جي زهر جي علاج ۽ ٻارن جي بيمارين ۽ علاج بابت سنڌ جي ماڻهن ۾ هوميوپيٿي علاج بابت شعور پکيڙيو. 1992ع کان 2000ع تائين روزاني ’جاڳواخبار ۾ ’جاڳو هوميوپيٿي ڪلينڪ‘ جي سري هيٺ هفتيوار معلوماتي مضمون لکيا، جن ۾ هن عام بيمارين کان علاوہ ٻين موذي مرضن جي علاج بابت آگاهي ڏني. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”ٻارن جون عام بيماريون، هوميوپيٿي ۽ بايو ڪيمڪ علاج“ (2 جلد) ۽ ڊاڪٽر وليم بورڪ جي هوميوپيٿي دوائن جي ڪتاب ”مٽيريا ميڊيڪا“ جو سنڌيءَ ترجمو شامل آهن. ڊاڪٽر نظير 14 آڪٽوبر 2024ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.06.02  عيسوي

مشھور هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر، ليکڪ ۽ مترجم نظير احمد چارڻ، 2 جون 1947ع تي ڳوٺ پنھور ٻٽڙا، تعلقي جوهي، ضلعي دادو ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قيوم طراز ڊاڪٽر
شھناز ڀٽي
مير محمد نورنگي جاگيراڻي
بابا ذهين شاھہ تاجي
حسين احمد مدني مولانا
شرت ڀڳتياڻي
راجپال بولچند وسو مل
درس عبدالرحيم
سيٺ غلام حسين قاسم
انيس خورشيد ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون