نواز علي سمو : مشھور ڪهاڻيڪار نواز علي سمو، 1952ع ڌاري مٽياري شھر ۾ پيدا ٿيو. ننڍپڻ کان ادب ڏانهن چاھہ هئڻ سبب ادب ۾ پير پائي ڪهاڻي لکڻ جي شروعات ڪيائين. پاڻ مختلف اخبارن جو صحافي پڻ رهي چڪو آهي. ڏھہ سال صحافين جي تنظيم تعلقي هالا جو صدر پڻ رهيو آهي. ان کانسواءِ ڪيترن ئي اسٽيج ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيو اٿس. سندس ڪهاڻين جا ڪيترا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ (1) ٻنهي کي مزو (1988ع)، (2) ڀاڪر جي ڀيڙ (1981ع)، (3) سڀاڻي ڇا ٿيندو (1982ع)، (4) واھہ جوان واھہ (1991ع) ۽ (5) ’ڀڄي جند ڇڏاءِ‘ (يار محمد شاھہ سان ڪهاڻين جو گڏيل مجموعو: 1979ع) شامل آهن. پاڻ مٽياريءَ ۾ رهي ٿو.