
جعفري نواز علي نياز
نواز علي نياز جعفري :مشھور شاعر نواز علي ’نياز ‘ جعفري ولد محمد آچر خان 18 آڪٽوبر 1892ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو . پرائمري کان مڊل تائين تعليم مدرسي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪري ، مئٽرڪ شڪارپور مان پاس ڪيائين . اسڪولي دور ۾ درس و تدريس جي ڪرت کانسواءِ غير نصابي سرگرمين ۾ بہ ڀرپور حصو وٺندو رهيو ۽ شاعريءَ جي ابتدا بہ انهيءَ دور ۾ ڪيائين . شاعريءَ ۾ پنهنجو تخلص ’نياز ‘ منتخب ڪيائين . هن پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات استاد طور ڪئي . علامہ دائود پوٽي ، خانبهادر محمد ايوب کهڙي ۽ برک علمي شخصيت پناھہ علي شاھہ جو شمار سندس شاگردن ۾ ٿئي ٿو . نواز علي نياز ڪجهہ وقت کانپوءِ ماستريءَ واري ملازمت ڇڏي ڏني . ڪجهہ وقت سينٽرل جيل لاڙڪاڻي ۾ جيلر طور نوڪري ڪيائين . تنهن بعد هن روينيو کاتي ۾ ملازمت ڪئي ۽ پنھنجي محنت ۽ قابليت جي آڌار تي مختيارڪار جي عهدي تي فائز ٿيو . 55 سالن جي عمر ۾ ساڳئي منصب تان رٽائر ڪيائين . جعفري '>نواز علي نياز جعفري ، سنڌي ڪافيءَ جو قادر الڪلام شاعر ٿي گذريو آهي . هن اردو ، فارسي ۽ سرائيڪيءَ ۾ بہ سٺا شعر تخليق ڪيا ، کيس سنڌي ٻوليءَ تي سٺو عبور حاصل هو . هن جي شاعريءَ ۾ لفظن جي بيهڪ نهايت نفيس ۽ من موهيندڙ آهي . گل و بُلبل ۽ عشق جي اسرار وارين رمزن ۾ رچيل شاعريءَ سان هن جو والهانه لڳاءُ هو . نواز علي نياز همعصر شاعرن کان مختلف ۽ نئين رنگ ۾ شاعري ڪئي . هن جي شاعريءَ ۾ انفراديت ۽ جدت جا ڪامياب فني تجربا آهن . نواز علي نياز جي شاعري نصابي ڪتابن ۾ بہ شامل رهي آهي . درسي پرائمري ڪتاب ۾ سندس نظم ’وطن جي حب ‘ کانسواءِ بي . اي ۽ ايم . اي جي سنڌي نصاب ۾ بہ سندس شاعري شامل آهي . نواز علي نياز جي شخصيت جا مختلف پهلو هئا ، هيءُ سريلي ۽ پرسوز آواز جو مالڪ هو . محرم الحرام جي ڏينهن ۾ واقعہ ڪربلا کي پرسوز آواز وسيلي ذاڪر جي حيثيت ۾ بيان ڪندو هو . خاص طور ڏهين محرم جي رات پري پري کان ماڻهو سندس پرسوز آواز ۾ لولي ٻڌڻ ايندا هئا . شاعريءَ جي ٻين صنفن سان گڏ حمد ، نعت ، منقبت ۽ مرثيا بہ جاندار ، جامع ۽ اثرائتا لکيائين . هن 12 نومبر 1959ع تي وفات ڪئي . پير حسام الدين راشدي پنھنجي ڪتاب ’هو ڏوٿي ، هو ڏينهن ‘ ۾ سندس تمام گهڻو ذڪر ڪيو آهي .
1892.10.18 عيسوي
نواز علي ’ نياز ‘ جعفري ولد محمد آچر خان 18 آڪٽوبر 1892ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو .
1959.11.12 عيسوي
نياز جعفري 12 نومبر 1959ع تي وفات ڪئي .