نور جوکيو

نور جوکيو

نور جوکيو

نور جوکيو: مشھور صحافي ۽ پروڊيوسر نور محمد ولد قادر بخش جوکيو، ضلعي لاڙڪاڻي (موجودہ ضلعي قنبر- شھدادڪوٽ) جي مشھور ڳوٺ گاجي کهاوڙ ۾، 10 مارچ 1973ع ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان ورتائين، مئٽرڪ گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول، حيدرآباد مان 1989ع ۾ ڪيائين. انٽر ڊگري ڪاليج نصير آباد مان ۽ گرئجوئيشن شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين.نور جوکيي گرئجوئيشن کان پوءِ صحافت جو پيشو اختيار ڪيو ۽ روزاني ڪاوش ۾ شوبز جو شعبو سنڀاليائين. ان سان گڏ راندين تي بہ ڪافي مضمون لکيائين. جڏهن ڪي. ٽي. اين چئنل شروع ٿيو تہ ان جو پروگرام مئنيجر ٿيو. هن وقت تائين هن ڪي ٽي اين لاءِ 2500 کان مٿي ڊراما ۽ شو پروڊيوس ڪيا آهن، وڏي تعداد ۾ نون اداڪارن، صداڪارن ۽ ٽي وي ليکڪن کي متعارف ڪرايو آهي. پنھنجي خداداد صلاحيتن سبب ڪي ٽي اين کي مقبول چئنل بنائڻ ۾، نور جوکئي جي محنت شامل آهي. هن سنڌي ڊرامن ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا آهن. هدايتڪارن، اداڪارن، اداڪارائن، ڳائڻن، ايڊيٽرن ۽ ڪيئمرا مئنن جو بہ وڏو تعداد هن متعارف ڪرايو آهي. جن مان ڪيترا پاڪستان جي مختلف چئنلن تي ڪم ڪري رهيا آهن. سنڌي فلمن جي بحران کان پوءِ هن وقت تائين 140 فلمن تي ڪم ڪري، فلمي خال کي ڀرڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي آهي. هن ڪي. ٽي. اين ڊاڪيومينٽريءَ ۾ بہ چڱو ڪم ڪرايو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي شهرن تي مشمتمل هڪ ڊاڪيومينٽري تيار ڪرائي. سنڌي وسندين کي محفوظ ڪيو آهي. لوڪ موسيقيءَ ۾ بہ هن ڪافي لوڪ فنڪارَ، سازندا ۽ سُگهڙ متعارف ڪرايا آهن. سندس رهائش ڪراچيءَ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1973.03.10  عيسوي

صحافي ۽ پروڊيوسر نور محمد ولد قادر بخش جوکيو، ضلعي لاڙڪاڻي (موجوده ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ) جي مشهور ڳوٺ گاجي کهاوڙ ۾، 10 مارچ 1973ع ۾ ڄائو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حيات بلوچ
پنھيار علي بخش اصغر
صلاح الدين مولانا
احمد علي خان
طارق عزيز شيخ
غازي صلاح الدين
جاويد ڀٽي
ٽانوري محمد عثمان
زاهد ملڪ
ظھير احمد
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون