نور محمد انڍڙ: مولانا نور محمد ولد نواز انڍڙ 1886ع ۾ هاليجي شريف ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم سنڌ مان حاصل ڪري اعليٰ ديني تعليم لاءِ ديوبند دهليءَ ويو، جتان فارغ التحصيل ٿي، مدرسہ قاسم العلوم گهوٽڪيءَ ۾ مدرس مقرر ٿيو. مولانا محمد علي جوهر کان متاثر ٿي خلافت تحريڪ ۾ شامل ٿيو. انگريزن خلاف سخت تقريرون ڪيائين، هجرت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. هجرت تحريڪ دوران گهر جو سمورو سامان ۽ ٻني وڪڻي افغانستان ڏانهن هجرت ڪيائين، پر پشاور پهچڻ بعد خبر پيس تہ پٺاڻن دغا ڪري انگريزن سان ٺاھہ ڪيو آهي، تڏهن ٻين سان گڏ واپس آيو. قطع تعلقات تحريڪ ۾ خاص ڪردار ادا ڪيائين. سخت تقريرن ڪرڻ ڪري سکر جي ڪليڪٽر گبن کيس گهرائي چيو تہ: ”اسان ٻڌو آهي تہ اوهان ماڻهن ۾ بغاوت پکيڙيو ٿا“، مولوي نور محمد نهايت بي باڪيءَ سان کيس جواب ڏنو تہ: ”اسان پنهنجو حق گهرون ٿا، بغاوت نہ ٿا پکيڙيون، هي ملڪ اسان جو آهي، نہ ڪي توهان جو.“
00.00.1886 عيسوي
مولانا نور محمد ولد نواز انڍڙ 1886ع ۾ هاليجي شريف ۾ ڄائو .