
مولانا نور محمد پتافي حسيني
نور محمد حسيني پتافي، مولوي: نامور عالم دين، مقرر، ليکڪ ۽ مناظر اسلام مولانا نور محمد پتافي حسينيءَ جي ڪنيت ابو الحسنين ۽ لقب حيدري آهي. هي پهرين جنوري 1968ع تي ڳوٺ سعدي ديري، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ همت علي پتافيءَ جي گهر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ عربي ۽ فارسي تعليم مشھور عالمن مفتي محمد صالح نعيميرح، مولانا مفتي عزيز اللهرح ۽ مولانا محمد رفيق خوشنويس وٽ حاصل ڪيائين. دُوره حديث ۽ تفسير علامہ مفتي محمد فيض احمد اويسي صاحب بھاولپور واري وٽ پڙهي، 1984ع ۾ پورو ڪيائين. بزرگ سيد غلام حسين شاھہ قنبر واري جي هٿ تي دست بيعت ٿي کانئس روحاني فيض حاصل ڪيائين. پنھنجي مرشد جي نسبت سان پنھنجي ڳوٺ سعدي ديري ۾ مدرسہ الحسينيه نور الاسلام جو بنياد رکيائين. گڏوگڏ هڪ بھترين لائبريريءَ جو قيام عمل ۾ آندائين. هن مدرسي ۾ درس و تدريس ۽ لائبريريءَ کي قيمتي ۽ ناياب ڪتابن سان سينگارڻ سان گڏ واعظن، مناظرن ۽ ديني ڪتابن لکڻ ۽ ڇپائڻ جو سلسلو بہ جاري رکيو. هن وقت تائين مختلف موضوعن تي 33 کان مٿي ننڍا وڏا ڪتاب لکي چڪو آهي، جن مان ڪيترا ڇپجي اهل علم ۽ ديني حلقي ۾ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. سندس مدرسي مان ڪيترا شاگرد پڙهي ديني عالم ٿي چڪا آهن. سندس لائبريريءَ سٺين علمي لائبريرين ۾ ليکي وڃي ٿي. مولوي نور محمد پتافي عربي ٽيچر (ايڇ. ايس. ٽي) جون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’ﷲ منهنجي توبہ‘، ’شانِ مصطفى و فضائل درود شريف‘، ’وسيلو سھڻي سردار دوجهان جو‘، ’فضائل اهلِ بيت الرسول صلي ﷲ عليہ وسلم‘، ’فضائل خلفاء راشدين‘، ’فضائل حج و عمره شريف‘ ۽ ’شانِ غوث اعظم رح‘ شامل آهن.
1968.01.01 عيسوي
مولانا نور محمد پتافي حسيني پهرين جنوري 1968ع تي ڳوٺ سعدي ديري، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ همت علي پتافيءَ جي گهر ۾ ڄائو.