نوشين شيخ

نوشين شيخ

نوشين شيخ

نوشين شيخ : ناليواري اداڪارہ نوشين شيخ جو اصل نالو ڪشور سلطانہ آهي. سندس جنم 22 سيپٽمبر 1963ع تي جعفر علي شيخ جي گهر ۾، سکر شھر ۾ ٿيو. سندس والد پوليس کاتي ۾ ايس پي رهيو. نوشين شيخ جو تعلق شيخ گهراڻي جي پڙهيل ڳڙهيل خاندان سان آهي. مهان ڪوي شيخ اياز سندس رشتي ۾ پڦڙ ۽ لمس جو اڳوڻو وي سي نوشاد شيخ سندس پڦاٽ ٿئي. نوشين شيخ پرائمري تعليم لياقت ميموريل اسڪول سکر، مئٽرڪ گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول سکر ۽ بي. اي گورنمينٽ گرلس ڪاليج سکر مان پرائي. هن پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات اسٽيج ڊرامن کان ڪئي. فن جي سکيا ۾ سندس استاد ناليوارو اداڪار انور سولنگي رهيو. هن ڊرامن ۾ بطور اداڪارہ 2002ع کان ڪم شروع ڪيو. هن وقت تائين هن سون جي تعداد ڊراما، اسٽيج ڊراما، سوپ سيريل ۾ اداڪارہ طور ڪم ڪيو آهي. هن ڪيترو وقت پي. ٽي. وي تان پيش ٿيندڙ سنڌي توڙي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. سندس پي. ٽي. وي تان نشر ٿيندڙ مشھور سنڌي ڊرامن ۾: ‘راڄ ڀاڳ’، ‘توکي ڪير وساري’؛ اردو ڊرامن ۾: ‘آبلاپا’ ۽ ‘پاني پي نام’ مشھور ٿيا. ڪي ٽي اين تان پيش ٿيندڙ سندس مشھور ڊرامن ۾: ‘ڪني آڱر’، ‘بالي’، ‘دل چاهيو جنهن کي’، ‘عشق آن لائين’، ‘بند دروازه’، ‘هل پنھل پھل’، ‘پٿر دنيا’، ‘غريب آباد جي عذرا ۽ شمي’، ‘سولي ۽ سچ’، سيريل: ‘چنڊ جي آخري منزل’، ‘اک اُلٽي ڌار’، ‘حيا جا گم ٿي ويل زيور’، ‘سهارو’ ۽ ‘خير’؛ سنڌ ٽي ويءَ جي مختلف ڊرامن: ‘محبت ۽ فاصلا’، ‘دعا’، ‘ڪيس نمبر 1’، سيريل ‘پنهنجن جي پيار خاطر’، ‘صاحب’، ‘نصيب’، ‘زرد موسم’ ۽ ‘ٻڪر بھار’؛ مهراڻ ٽي وي تان سيريل ‘آليون اکيون’، ‘تلاش’، ڊراما: ‘قرباني جو ٻڪرو’، ‘تلاش’ ۽ ‘مومل راڻو’، جڏهن تہ ڌرتي ٽي وي تان سيريل: ‘رت جا رشتا’، ‘مورک’، ‘پاڇولو’ ۽ ‘احساس’ قابل ذڪر آهن. هن پنھنجي سموري زندگي اداڪاريءَ کي ارپيندي شادي نہ ڪئي. هن جو پهريون ڊرامو پي ٽي وي تان پيش ٿيندڙ سنڌي ڊرامو راڄ ڀاڳ هو. نوشين شيخ کي هن وقت تائين 30 کان مٿي اوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾: سنڌ ٽي وي طرفان مڃتا اوارڊ (2011ع)، ڪي ٽي اين تان بيسٽ پرفارمنس اوارڊ (2012ع، 2014ع)، مهراڻ ٽي وي تان سيريل ‘آليون اکيون’ تي خصوصي اوارڊ وغيرہ قابل ذڪر آهن. نوشين شيخ، حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.09.22  عيسوي

ناليواري اداڪاره نوشين شيخ جو اصل نالو ڪشور سلطانه آهي. سندس جنم 22 سيپٽمبر 1963ع تي جعفر علي شيخ جي گهر ۾، سکر شهر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جيوڻ شاھہ سيد
ٻڍل شاھہ ولد نواب شاھہ
الھہ بخش نظاماڻي
راهوجو منير گوزائي
گوتم ڇاٻڙيا شڪارپوري
خالد محمود سومرو ڊاڪٽر
ڀاڳو ڀانُ
شوڪت عزيز
اعجاز قريشي پروفيسر
پيرابن شاھ جي مزار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون