نياز شيخ

نياز شيخ : نامور آرٽسٽ ۽ مصور نياز حسين شيخ قنبر ۾ پيدا ٿيو. نياز حسين شيخ پوري ملڪ ۾ مڃيل آرٽسٽ آهي. هن جو تعلق غريب گهراڻي سان هئڻ ڪري انٽر کان وڌيڪ پڙهي نہ سگهيو، پر کيس پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق هو، جنهنڪري هن پنھنجي امڙ سان وڌيڪ پڙهڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. سندس امڙ روزانو کيس پڪوڙا ٺاهي ڏيندي هئي، جيڪي هو وڪرو ڪندو هو. اهڙيءَ طرح هن ڏيڍ مهيني تائين پڪوڙا وڪرو ڪري ڪجهه پئسا گڏ ڪيا، جيڪي هو کڻي ڄام شوري پهتو. کيس ايم. ايس. سي ڪرڻ جي خواهش هئي، پر سندس داخلا نہ ٿي سگهي، پر هن مايوس ٿيڻ بدران فائن آرٽس ۾ داخلا ورتي ۽ نقطي، لڪير ۽ رنگن جي دنيا ۾ اهڙو تہ گم ٿي ويو، جو سندس آرٽ ڏسندڙن کي گم ڪريو ڇڏيو. نياز هن وقت تائين 300 کان وڌيڪ پينٽنگس ٺاهيون آهن. جڏهن تہ 50 کان وڌيڪ مجسما بہ ٺاهيا اٿائين، جن ۾ هڪ مجسمو ميڻ جو ٺهيل آهي، هي هن وقت فيصل آباد جي هڪ ڪاليج ۾فائن آرٽس جي شعبي جو سربراھہ آهي ۽ سندس نگرانيءَ ۾ هر سال ڪيترائي آرٽسٽ مصوريءَ جو فن سکي نالو ڪمائي چڪا آهن.


لفظ نياز شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو