هاسو سوڍو : سنڌ جي بھادر ڪردارن ۾ هاسو سوڍو، پنھنجي سورهيائي، وطن دوستي ۽ دوستن تان سر گهورڻ وارن بي ڊپن انسانن مان هڪ ناميارو سورهيه ٿي گذريو آهي. هاسو سوڍو، سنڌ جي محب وطن حاڪم دودي سومري جو پڳ مٽ يار هو. جڏهن دهليءَ جي حاڪم علاوالدين خلجيءَ، چنيسر جي چوڻ تي سنڌ تي ڪاھہ ڪري، دودي سومري جي مٿان جنگ مسلط ڪئي، ان وقت هاسو سوڍو، ضلعي عمرڪوٽ جي شھر ڇور کان 5 ڪلوميٽر اولھہ طرف هڪ ڳوٺ ۾ رهندو هو. روايت آهي تہ سندس جنم پڻ ان ئي ڳوٺ ۾ ٿيو هو. اهو ڳوٺ پوءِ اڳتي هلي سندس نالي پٺيان ’هاسي سر‘ سڏجڻ لڳو هو، جتي انگريز دور ۾ ريلوي اسٽيشن قائم ڪئي وئي هئي، جيڪا اڄ بہ سندس ئي نالي سان منسوب آهي. هاسو سوڍو پنھنجي راڄ ڀاڳ وارو شخص هو، ٿر واري علائقي ۾ سوڍا اڪثريت ۾ رهندا هئا، جيڪي اثر رسوخ وارا هوندا هئا. ٿر ۽ عمرڪوٽ واري علائقي ۾ سومرن کانپوءِ واري دور ۾ سوڍن جي حڪومت پڻ رهي آهي. دودي خلاف سندس ڀاءُ چنيسر جي چرچ تي جڏهن دهليءَ جون فوجون لاڙ خطي ۾ پهچي چڪيون هيون، ان وقت هاسو سوڍو، پنھنجي شاديءَ جي رات، سماجي رسمن هيٺ ڪنوار سان پلئہ ٻَڌي، ويڏيءَ جا ڦيرا ڏئي رهيو هو تہ اوچتو کيس ڪنهن ماڻهوءَ رڙ ڪري چيو: ”اي هاسا! تنھنجي دوست دودي سومري تي دهليءَ جو بادشاھہ فوج وٺي ڪاھہ ڪري آيو آهي ۽ تون هتي ويٺو سهاڳ رات ماڻڻ جون تياريون ڪرين!“ هاسو سوڍو، سنڌ جو سچو سپوت ۽ دودي جو دلي دوست هو، مٿس دودي تي دشمن جي حملي واري خبر وِڄ وانگر ڪڙڪي پئي ۽ هاسي سوڍي، ڌرتي ماءُ سان ازلي محبت جو ڀرم رکڻ لاءِ بنا ڪنهن سوچ ويچار جي، ويڏيءَ جا ڦيرا اڌ ۾ ڇڏي، ڪنوار سان ٻَڌل پلوَن کي تلوار سان ڪٽي، پنھنجي ونيءَ ’مالهان‘ کي مِٺي ڏئي چيو: ”پياري! جيئرو موٽيس تہ ملنداسين، نہ تہ گهوري جان سنڌ ۽ دودي تان!“ ائين چئي پوءِ، هاسو سوڍو رات جي پيٽ ۾ پنھنجي بھادر ساٿين جو وڏو سٿ وٺي وڃي جنگ جي ميدان تي پنھنجي دلي دوست دودي سومري سان مليو ۽ وڏي بهادريءَ سان دهليءَ جي فوجين جو مقابلو ڪندي پنهنجو سِر گهوري ڇڏيائين. هاسي سوڍي جي نالي سان قائم ڳوٺ ’هاسيسر‘ جي لڳولڳ ’انڙآباد‘ ۾ سنڌ جو قومي دانشور ۽ سياستدان عبدالواحد آريسر رهندو آهي.