ڀاڳيا، هري لال

ڀاڳيا، هري لال

هري لال ڀاڳيا

هري لال ڀاڳيا : سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر هري لال ڀاڳيا، 13 جنوري 1959ع تي پني عاقل ۾ جوتومل ڀاڳيا جي گهر جنم ورتو. 1987ع ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان ايم.بي.بي.ايس پاس ڪيائين. شاگرديءَ واري زماني ۾ کاٻي ڌر کان متاثر ٿي، ڊي.ايس.ايف ۾ شامل ٿيو. 1988ع ۾ ميڊيڪل آفيسر ٿيو ۽ 1992ع ۾ استعيفا ڏيئي ذاتي ڪلينڪ کولي پرئڪٽس ڪندو رهيو. هي مقامي هندو جاتيءَ جي مسئلن تي آواز اٿاريندو رهيو آهي. 1995ع ۾ ’سنت آسورام ويلفيئر سوسائٽيءَ‘ جو بنياد وڌائين، جنهن تحت شھر ۾ جديد تقاضائن موجب اسپتال ’سخي بابا ميٽرنٽي هوم‘ هلي رهيو آهي. سگا، هندو پنچائت ۽ مهراڻ ايجوڪيشنل سوسائٽيءَ جو ميمبر ۽ عهديدار رهيو آهي. پيپلز پارٽيءَ سميت ٻين قومي سطح جي سياسي اڳواڻن سان واسطا رکي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.01.13  عيسوي

سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر هري لال ڀاڳيا، 13 جنوري 1959ع تي پني عاقل ۾ جوتومل ڀاڳيا جي گهر جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

توتان
شيخ عبدالحفيظ ڊاڪٽر
دائود مخدوم
قمر ڪوهستاني
سونو مل کنگهاراڻي
الاهي بخش ايم ڀٽي ڊاڪٽر
مرزا محمد عيسي بيگ ترخان
سيمي جمالي ڊاڪٽر
ظھير ڪاشميري
فاضل خان ٺٽوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون