مصور حفيظ قريشيءَ جي تيار ڪيل هوشو شيديءَ جي خيالي تصوير
جرنل هوش محمد شيديءَ جي مزار
هوش محمد شيدي : سنڌ جو مشهور سورمو ۽ ‘مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون’ جو نعرو هڻندڙ جرنيل هوشو شيدي، ٽالپر دور ۾ ٿي گذريو آهي. هوشو شيدي ٽالپر حڪمران مير فتح علي خان ٽالپر جو فوجي مقصد لاءِ آندل سپاهي هو. اهڙا انيڪ سپاهي، ڏکڻ هندستان ۽ دهلي حڪومت ۾ رهيا آهن. نامور اديب جي الانا، هوشو شيديءَ جي جنم جو سال 1801ع لکيو آهي. جڏهن ته مهر ڪاڇيلوي هوشو شيديءَ جو جنم هڪ اندازي موجب 1782ع لکيو آهي. وليم نيپيئر موجب، هوشو، توبچيءَ وارو هنر فرينچ فوجين کان سکيو، جيڪي ان دور ۾ هندستان جي ميسور ۽ پنجاب سوڌو مختلف رياستن ۾ فوجي تربيت ڏيندڙ مکيه يورپي لوڪن مان هئا. هوشو شيدي 1811ع ڌاري سنڌ جي درٻار ۾ حاضر ٿيو. ان وقت سنڌ جو حاڪم مير فتح علي خان ٽالپر هو. هوشوءَ کي مير فتح علي ٽالپر جي پٽ مير صوبدار علي ۽ ٻين جو فوجي مشقن ۾ استاد ڪيو ويو. وليم نيپئر پنهنجي ڪتاب ‘فتح سنڌ’ ۾ هوشو شيديءَ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: “هوشو اصل ۾ فرينچ سپهه سالار نيپولين جي فوج جو سپاهي هو، اتي مصر ۾ رهي انگريزن جي فوج سان وڙهيو. توپ خاني جي مهارت فرانسيسين کان حاصل ڪيائين. مصر کان پوءِ مسقط آيو. جڏهن سنڌ جي اميرن مسقط جي اميرن کان توپون گهرايون، تڏهن هوش محمد شيدي به انهن سان گڏجي هتي آيو ۽ هن سنڌ کي هميشه لاءِ پنهنجو وطن بنايو.” هوشو شيدي، مير صوبدار خان جو هم عمر هو. رچرڊ برٽن مطابق هوشو شيدي ماءُ پاران شيدي ۽ پيءُ پاران قمبراڻي هو. سنڌ جا ٽالپر حڪمران 1843ع ۾ سنڌ تي مڙهيل انگريزن جي جنگ تي تقسيم ٿيل هئا ۽ مياڻيءَ جي جنگ ۾ جڏهن مير صوبدار خان ٽالپر انگريزن سان ملي ڀڳت ڪري مير نصير خان کي هن جنگ ۾ هارائڻ جون سٽون سٽيون، تڏهن هوش محمد شيدي هن کي ڇڏي مير نصير خان جي سرپرستيءَ ۾ وڃي مياڻيءَ جي جنگ ۾ وڙهيو، پر هنن اها جنگ انگريزن کان هارائي. جنگ هارائڻ بعد هوشو شيدي ميرپورخاص جي مير شير محمد خان ٽالپر وٽ آيو، جنهن هن جي بهادريءَ کي ڏسي کيس توپ خاني جو مهتمم ڪيو. 24 مارچ 1843ع تي انگريزن ۽ ٽالپرن وچ ۾ حيدرآباد جي ٻاهران ديهه ناريجا ۾ دٻي واري ماڳ ۾ جنگ لڳي، جيڪا اڳتي هلي ‘دٻي واري جنگ’ طور مشهور ٿي. هن جنگ ۾ هوشو شيدي جرنيل جا فرض سر انجام ڏيندي وڏي بهادري ۽ عقلمنديءَ سان انگريز فوج جو مقابلو ڪيو. دٻي جي لڙائيءَ ۾ انگريز فوج جي هر اول دستي جو سربراهه جان جيڪب هو. جڏهن جنگ باقاعدي شروع ٿي ته سنڌي فوج تمام بهادري ۽ سورهيائپ سان وڙهي. نواب خان محمد ٺوڙهي جي غداريءَ سبب چارلس نيپئر، بارود کي باهه ڏني، جنهن سبب هوش محمد شيديءَ جي لشڪر وٽ بارود ختم ٿي ويو. پر پوءِ به جرنيل هوش محمد شيدي پنهنجي فوجي مهارت جو ڀرپور مظاهرو ڪندي آخري دم تائين سنڌي فوج جو حوصلو، همت ۽ جذبو وڌائڻ خاطر وڙهندو رهيو، آخر ۾ هن جڏهن ڪا ٻي واهه نه ڏٺي ته چيلهه سان ٻڌل تلوار ڪڍي وڙهڻ شروع ڪيائين، انهيءَ جنگ ۾ لڳايل سندس نعرو “مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون” اڄ ڏينهن تائين هاڪارو ۽ ڪارگر آهي. هوش محمد شيدي انهيءَ جنگ ۾ انگريز سپاهين جي گولين ۾ شهيد ٿي ويو، کيس فوجي اعزاز سان دفنايو ويو. هوش محمد شيديءَ جي آخري آرامگاهه بابت مختلف رايا آهن. هڪڙن جي راءِ آهي ته کيس پڪي قلعي ۾ دفن ڪيو ويو. جڏهن ته ٻين جي راءِ آهي ته هوشو شيديءَ جي قبر دٻي واري جنگ جي ميدان ۾ آهي. وليم نيپئر لکي ٿو ته: “هوشو شيدي دل توڙي دماغ ٻنهي جو بهادر هو. اهو بهادر انسان ميرن جو غلام هوندي ٻين ميرن جي سپاهه سان گڏجي غضب ۽ دهشت سان ايستائين وڙهندو رهيو، جيستائين انگريزن جي 22 نمبر ريجمينٽ جي سنگينن سان مارجي نه ويو. هوشو شيدي پنهنجي پٺيان ڪريم داد نالي هڪ پٽ جو اولاد ڇڏيو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته، هوش محمد شيديءَ جي پٽ ڪريم داد کي هڪ پٽ محمد بچل هو، جنهن کي ٻن پٽن هوش محمد ۽ امام بخش نالي اولاد ٿيو. هُن جي تڙ پوٽي حسين بخش عرف استي هسنوءَ سان 1985ع ۾ مليو، جيڪي ٽنڊي ٺوڙهي ۾ رهائش پذير آهن. هوش محمد شيديءَ جي شخصيت تي منصور قادر جوڻيجي جو ڪتاب ‘جرنل شيدي '>هوش محمد شيدي ’ ، اردو ۾ محمد حنيف مهر ڪاڇيلوي جو ڪتاب ‘شهيد سنڌ جنرل شيدي '>هوش محمد شيدي ’ ۽ نصير اعجاز جو اردو ۾ ‘جنرل شيدي '>هوش محمد شيدي ’ شايع ٿيل آهن. عظيم روح ابدي حيثيت رکندڙ هوندا آهن. هوش محمد شيدي ڪلهه، اڄ ۽ سڀاڻي به سنڌ واسين لاءِ قومي سورهيه جي اعليٰ ۽ اتم علامت هو، آهي ۽ رهندو. سندس ياد ۾ حيدرآباد ۾ ٿڌي سڙڪ تي شهباز بلڊنگ ڀرسان هڪ ‘فلاءِ اوور پل’ منسوب ڪئي وئي آهي ۽ سندس يادگار حيدرآباد ۾ گول بلڊنگ وٽ نسب ٿيل آهي.
1843.03.24 عيسوي
24 مارچ 1843ع تي انگريزن ۽ ٽالپرن وچ ۾ حيدرآباد جي ٻاهران ديهه ناريجا ۾ دٻي واري ماڳ ۾ جنگ لڳي، جيڪا اڳتي هلي ‘دٻي واري جنگ’ طور مشهور ٿي. هن جنگ ۾ هوشو شيدي جرنيل جا فرض سر انجام ڏيندي وڏي بهادري ۽ عقلمنديءَ سان انگريز فوج جو مقابلو ڪيو.