هيرانند ٽيڪچند ساڌواڻي

هيرانند ٽيڪچند ساڌواڻي : هيرانند ٽيڪچند ساڌواڻي، 6 فيبروري 1917ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. ورهاڱي کان پوءِ پوني (هندستان) ۾ وڃي آباد ٿيو. جتي هو اڳتي هلي IAS آفيسر ٿيو. هيرانند ساڌواڻي ڪيترن اهم سرڪاري عهدن تي رهي چڪو آهي. هن ڪليڪٽر بيجاپور ۽ بمبئي، ڊپٽي ڪمشنر بمبئي ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ڊپٽي سيڪريٽري هوم ڊپارٽمينٽ وغيره. رٽائرمينٽ کانپوءِ ان لئڪس ۽ ٻڌراڻي هاسپيٽل پوني ۾ اعزازي فنانشل ڪنٽرولر جي عهدي تي رهي ڪم ڪيائين. سندس ڪيترائي ڪتاب، جهڙوڪ: (1) The Golden Rose Way)، (2) نوري گرنٿ (انگريزي ترجمو)، (3) نوري (200 گيت) ڇپيل آهن.هيرانند ٽيڪچند ساڌواڻيءَ جي رهائش ’فائيو اسٽار اپارٽمينٽس‘ پوني ۾ رهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1917.02.06  عيسوي

هيرانند ٽيڪچند ساڌواڻي، 6 فيبروري 1917ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. ورهاڱي کان پوءِ پوني (هندستان) ۾ وڃي آباد ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ريڊنگ لارڊ
پرهياڙ مير محمد
پنهور حاجي خان
شهزور علي طيباڻي
طالب سميجو
جنجهي مينهين ٻائي
ڄيٺملاڻي رام
عبدالحئي گهوٽو مولانا
امير پير
ڪشنداس چندرا آڏواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون