هيرانند ٽيڪچند ساڌواڻي

هيرانند ٽيڪچند ساڌواڻي : هيرانند ٽيڪچند ساڌواڻي، 6 فيبروري 1917ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. ورهاڱي کان پوءِ پوني (هندستان) ۾ وڃي آباد ٿيو. جتي هو اڳتي هلي IAS آفيسر ٿيو. هيرانند ساڌواڻي ڪيترن اهم سرڪاري عهدن تي رهي چڪو آهي. هن ڪليڪٽر بيجاپور ۽ بمبئي، ڊپٽي ڪمشنر بمبئي ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ڊپٽي سيڪريٽري هوم ڊپارٽمينٽ وغيرہ. رٽائرمينٽ کانپوءِ ان لئڪس ۽ ٻڌراڻي هاسپيٽل پوني ۾ اعزازي فنانشل ڪنٽرولر جي عهدي تي رهي ڪم ڪيائين. سندس ڪيترائي ڪتاب، جھڙوڪ: (1) The Golden Rose Way)، (2) نوري گرنٿ (انگريزي ترجمو)، (3) نوري (200 گيت) ڇپيل آهن.هيرانند ٽيڪچند ساڌواڻيءَ جي رهائش ’فائيو اسٽار اپارٽمينٽس‘ پوني ۾ رهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1917.02.06  عيسوي

هيرانند ٽيڪچند ساڌواڻي، 6 فيبروري 1917ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. ورهاڱي کان پوءِ پوني (هندستان) ۾ وڃي آباد ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اختر جهوناڳڙهي
حسين علي حسين مرزا
جسٽس غلام رباني
هما مير
حامد شاھہ فقير
رضوان واسطي
چنيسر2
فاطمہ جناح
ثمر مبارڪ مند
صوفي ساجد سرشاري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون