
سولنگي، وزير فرهاد
وزير فرهاد سولنگي : اداڪار، گلوڪار، ڊرامه نويس ۽ شاعر وزير فرهاد سولنگيءَ 5 جولاءِ 1967ع تي ڳوٺ مياڻيءَ لڳ ٺٽ ڳوراهو، تعلقي ۽ ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. صحافت ۾ ايم. اي ڪيائين. 1989ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. پنھنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات ’ساٿي ٻارڙا سنگت‘ يونٽ مٺياڻيءَ کان ڪيائين ۽ پليٽفارم تان ڪيترا پروگرام منعقد ڪرايائين. هن 1990ع ڌاري ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي. 1992ع ۾ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ نڪتل ’امن مارچ‘ ۾ هي اڳيان اڳيان رهيو. 1993ع ۾ اداڪاريءَ جي شوق ۾ پي. ٽي. وي ڪراچيءَ تي آيو. کيس بيدل مسرور بدويءَ جي هڪ ڊرامي ’سفر‘ ۾ هڪ ڪردار مليو. ان کان پوءِ هن پي. ٽي. ويءَ جي ڪيترن مشھور ڊرامن جھڙوڪ: مور اڏاڻا مور، روپ هزار، وساريل واٽون وغيرہ ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا. 2004ع ۾ سنڌ ٽي. وي تي ليکڪ ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ٿيو. هن اتي بہ ڪيترن ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي. فرهاد سولنگي سٺو راڳي بہ آهي. هي ليکڪ ۽ شاعر طور سنڌي ادبي سنگت موري ۾ سرگرم رهيو آهي ۽ شاخ جو سيڪريٽري بہ رهي چڪو آهي.
1967.07.05 عيسوي
اداڪار، گلوڪار، ڊرامه نويس ۽ شاعر وزير فرهاد سولنگيءَ 5 جولاءِ 1967ع تي ڳوٺ مياڻيءَ لڳ ٺٽ ڳوراهو، تعلقي ۽ ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.