ٺارو شاھہ: ضلعي نوشهري فيروز جو هڪ قديم شھر آهي. هيءُ شھر سنڌو درياھہ مان نڪرندڙ قديم ’نو لکي واھہ‘ جي ڪنڌيءَ تي آباد آهي. قديم دؤر ۾ نو لکو واھہ مکيہ واپاري پتڻ هو. انهيءَ پراڻي نو لکي واھہ جا ڦٽل آثار هن وقت بہ هاءِ اسڪول ٺارو شاھہ جي اتر اڀرندي ڪنڊ تي ظاهر ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هيءُ شھر ساهتي پرڳڻي ۾ تعليم جي لحاظ کان وڏي اهميت جو حامل رهيو آهي. هن شھر جي ڀرپاسي ۾ ڪنڊيارو، درٻيلو، ابجي، مٺياڻي، ڀريا ۽ نوشهرو فيروز نالي شھر آباد آهن.
ٺاروشاھہ شھر 1792ع ۾ ٻڌايو ويو. هن ايراضيءَ ۾ پهريائين ٺارو شاھہ نالي هڪ سيد اچي پنهنجو گهر اڏايو. پوءِ هيءُ ڳوٺ ٿيو، جيڪو پوءِ وڌي شھر ٿيو. تنهنڪري ان جي ئي نالي پٺيان هي شھر ”ٺارو شاھہ“ سڏجي ٿو. انگريزن جي دؤر ۾ ٺاروشاھہ شهر، حيدرآباد ضلعي سان ڳنڍيل هو. اُن ئي دور ۾ هن شھر ترقي ڪئي. 1881ع ۾ هتي ميونسپالٽي قائم ڪئي وئي. اُن وقت هتي ڪوري، ميمڻ ۽ لوهاڻا آباد هئا. هن شھر جا ٽي حصا آهن: پهريون حصو ريلوي اسٽيشن جي ويجهو آهي، جتي ٻائي وارو مندر پڻ آهي. هيءُ حصو ”هري پور“ جي نالي سان بہ سڏبو آهي. شھر جو ٻيو حصو اهو آهي، جتي نارنگين، سنگتڙن ۽ انبن جي بازار هئي. اهو حصو شھر جو اصل پراڻو علائقو آهي. گهٽيون سوڙهيون ۽ رستا تنگ آهن، البت پاڻيءَ جي نيڪال جو بھترين بندوبست ٿيل آهي. شھر جو ٽيون حصو اهو آهي، جتان مُڃٺ ۽ ڀورٽيءَ ڏانهن رستا وڃن ٿا. هيءُ حصو ”نئين تڪ“ جي نالي سان سڏبو آهي. هتي هڪ هاءِ اسڪول ۽ هڪ مڊل اسڪول پڻ آهي. هيءُ شھر صنعت ۽ حرفت جي لحاظ کان پنھنجي دؤر ۾ مشھور شھر هو. هتي بافتي جو اعليٰ ۽ عمدو ڪپڙو ٺهندو هو. ان کانسواءِ سُٽ ڪتڻ ۽ ڏاس مان نوڙيون پڻ ٺهنديون هيون. هن وقت بہ هيءُ شھر پنھنجي قديم روايتن سبب مشھور آهي. هن شھر ڪيترن ئي عالمن، اديبن، شاعرن، دانشورن، تعليمي ماهرن ۽ سماجي خدمتن ۾ اڻ وسرندڙ شخصتن کي جنم ڏنو آهي. برصغير جي نامور راڳيءَ ماسٽر چندر بہ هن شھر ۾ جنم ورتو. جتي اڃا تائين سندس گهر سلامت آهي ۽ ورهاڱي کان پوءِ لڏي آيل خانزادن جو ڪٽنب ان ۾ مقيم آهي. هن شخص ماسٽر چندر جي گهر کي هڪ يادگار طور صحيح سلامت رکيو آهي. هڪ ڀيرو ماسٽر چندر پاڻ بہ ڀارت مان هتي آيو هو ۽ هن گهر ۾ رهندڙ ڪٽنب سندس ڀرپور آجيان ڪئي هئي ۽ کيس وڏو مان ڏنو هو جنهن لاءِ هنن کي وڏو جس آهي. وقت بہ وقت ماسٽر چندر جا عقيدتمند جڏهن هي گهر ڏسڻ ايندا آهن، تہ هي شخص سندس چڱي خاطر تواضح ڪندو آهي. ڪجهہ سال اڳ سنڌي ادبي سنگت نوشهري فيروز شاخ ماسٽر چندر جي گهر ۾ ”ماسٽر چندر جي ورسي“ ملهائي هئي ۽ سموري گهر کي ڏيئا ٻاري سينگاريو ويو هو. ان کان پوءِ هر سال ماسٽر چندر جي ورسي ملهائي ويندي آهي.