ٺاٺ: ڪنهن به راڳ ۾ سمورن سُرن جي بندش يا ترتيب جو نالو ٺاٺ آهي. سُرن جي تعداد ۽ ان جي آلاپڻ واري طريقي کي انهيءَ راڳ جو ’ٺاٺ‘ چوندا آهن. ٺاٺ، ستن سُرن جي ترتيب جو نالو آهي، انهن ئي ستن سُرن مان هزارين راڳ ۽ راڳڻيون نڪرن ٿيون. اُهي سُر هي آهن: سا، ري، گا، ما، پا، ڌا، ني، يعني کرج، رکب، گنڌار، مڌم، پنچم، ڌيوت ۽ نکاد. کرج ۽ پنچم اچل ٿين يعني اهي تبديل نه ٿيندا اهن. باقي سر تيور ۽ ڪومل ۾ تبديل ٿين. اهڙيءَ طرح کرج- رکب تيور. رکب ڪومل. گنڌار تيور.گنڌار ڪومل. مڌم تيور، مڌم ڪومل – پنچم- ڌيوت تيور – ڌيوت ڪومل- نکاد تيور- نکاد ڪومل. اهڙيءَ طرح اهي ڪل 12 سُر ٿين، جن مان مختلف راڳڻيون ۽ راڳ ٺهن ٿا. کرج ۽ پنچم کان سواءِ ڪنهن به سُر کي ترتيب سان بدلائبو ته ٺاٺ بدلجي ويندو. بلاول ٺاٺ جا سر هي آهن. کرج-شڌ رکب- شڌ گنڌار. شڌ مڌم- پنچم- سڌڌيوت ۽ شڌ نکاد- پرجي مٿين ترتيب ۾ رڳو هڪ سُر نکاد ڪومل ڪبو ۽ باقي سر ساڳيا رکبا ته کماچ ٺاٺ ٺهي پوندو. جيڪڏهن راڳ ۾ سپتڪ جا ست سُر لڳندا هجن ته راڳ کي ”سمپورڻ“ چوندا آهن، جيڪڏهن 6 سُر لڳندا هجن ته ”کاڍو“ راڳ چئبو ۽ جيڪڏهن 5 سُر لڳندا ته ان کي ”اوڍو“ راڳ چوندا. پنجن سُرن کان گهٽ سرن جو راڳ نه ٿيندو آهي. راڳن جي جديد تقسيم لاءِ ڏکڻ هندستان جي پنڊت ونڪٽيشور، رياضيءَ جي اصول جي مدد سان 72 بنيادي ٺاٺ مقرر ڪيا. انهن 72 ٺاٺن مان ڪل چوٽيهه هزار اٺ سئو اٺيتاليهه راڳ ٺهي سگهن ٿا. ان کان پوءِ پنڊت ڀَوڀٽ اُتر هندستان جي راڳن کي انهيءَ انداز سان ٺاٺن ۾ ورڇڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ويهه ضروري ٺاٺ چونڊيا. اڄ ڪلهه ٻن سَوَن کان وڌيڪ راڳ مروج نه آهن. انهيءَ ڪري پنڊت وشنو نارائڻ ڀاتکنڊيءَ سُرن جي تعداد ۽ ان جي ادائگيءَ جي لحاظ کان، راڳن ۽ راڳڻين کي ڏهن ٺاٺن ۾ ورڇيو آهي، جيڪي معياري ورڇ مطابق هيٺين نالن سان عام مشهور آهن: ڪلياڻ ٺاٺ، ماروا ٺاٺ، بلاول ٺاٺ، کماچ ٺاٺ، پوربي ٺاٺ، ڀيروي ٺاٺ، آساوري ٺاٺ، ڪافي ٺاٺ، ڀيرو يا ڀيرون ٺاٺ ۽ ٽوڙي ٺاٺ.