ٺرو

ٺرو: ڪچي شراب جو قسم، جيڪو بٺين يا مٽڪن ۾ تيار ڪيو ويندو آهي. ان جو اثر وڌيڪ ٿئي ٿو ۽ اڪثر نقصانڪار هوندو آهي. هي ڪچو شراب اڪثر ڳوٺن ۾ ٺاهيو ويندو آهي ۽ ميلن ملاکڙن تي عام جام هلندو آهي. ٺري تيار ڪرڻ لاءِ ڳُڙ، انگور يا ڪاري ڊاک، ٻٻر جو ڇوڏو ۽ نوشادر ملائي مٽڪي ۾ وجهي پوري ڇڏيندا آهن. هفتي يا ڏهن ڏينهن کان پوءِ اٻارو ڏئي تيار ڪندا آهن. ڊاڪٽرن موجب ٺرو صحت لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندو آهي.


لفظ ٺروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو