ٺري: ضلعي بدين جي تعلقي ماتليءَ ۾ هڪ ڳوٺ جو نالو، جيڪو سنڌراڻي ۽ ميرباگي واري داستان سبب مشھور آهي. ماتليءَ کان ٽنڊي غلام عليءَ ڏانهن ويندڙ رستي سان ”ٺريءَ“ جو قديم ماڳ آهي. جڏهن ’سنڌراڻي‘ وفات ڪئي هئي، تڏهن سندس جنازو، سندس وصيت موجب کڻائي آڻي ”ديواني شاھہ“ جي شاهي قبرستان ۾ دفنايو ويو. ديواني شاھہ جو قبرستان ڪافي آڳاٽو آهي ۽ ”ٺريءَ“ جي قديم کنڊرن سان لاڳيتو ڏکڻ طرف آهي. سنڌراڻيءَ جي قبر هن قبرستان جي اڀرندي ڀاڱي ۾، اُڍيجن جي مقام ۾ آهي.