ٺل

ٺل: هن نالي سان ٺٽي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن ۾ ڪي ديهون آباد آهن. ضلعي جيڪب آباد ۾ هڪ تعلقو بہ ٺل نالي سان موجود آهي. تعلقي حيدرآباد جي ديھہ ٺلھہ ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: ’سعيد خان لغاري‘، ’صاحب خان لغاري‘، ’جان محمد لغاري‘، ’غلام حسين لنڊ‘، ’نامر خان‘، ’حاجي بچل لُنڊ‘، نظام الدين رانگڙ‘ ۽ ’متارو ماڇي‘.
تعلقي ميري خان جي ديھہ ’ٺل‘ ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: ’شھاب الدين شيخ‘، ’سهراب الدين شيخ‘، ’سهراب خان بروهي‘ ۽ ’محمد عثمان بروهي‘.
ساڳئي نالي سان تعلقي جوهيءَ ۾ پڻ هڪ ديھہ جو نالو آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: ’قاسم رودناڻي‘، ’بچل رودناڻي‘، ’حاجي فريد رودناڻي‘، ’شاهڪ رودناڻي‘، ’ميرخان رودناڻي‘، ’احمد برهماڻي‘، ’خمڀت چانڊيو‘، ’ننڍو قاسم‘، ’ڌنوجي ٽڪري‘، ’مولوي نورمحمد رودناڻي‘، ’احمد رودناڻي‘، ’حاجي بھارو رودناڻي‘، ’حاجي حسين رودناڻي‘ ۽ ’شيرخان رودناڻي‘، ’حاجي حسين رودناڻي‘.


لفظ ٺلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو