ٺلاھہ

ٺُلاھہ: تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ هڪ ديھہ، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ آباد آهن: ’ٺلاھہ‘، ’شيرمحمد ڪلهوڙو‘، ’قائم مڱڻ‘، ’پريل ڪلهوڙو‘، ’عرض محمد بروهي‘، ’ڇٽو ڪلهوڙو‘، ’محمد خان مشوري‘، ’سھڻو جتوئي‘، ’روحل ڪلهوڙو‘، ’شادي خان جتوئي‘، ’ٻانھون ڪلهوڙو‘، ’يار محمد جتوئي‘، ’لالو شيخ‘ ۽ ’نصيرمحمد ڪلهوڙو‘. ’ٺلاھہ‘شھر کي پيرصاحب پاڳاري جي خاندان مان پير مظهرالدين آباد ڪيو هو. هتي هڪ ديني مدرسو پڻ قائم ڪيو هئائين، جيڪو ضلعي لاڙڪاڻي جو وڏو مدرسو هو. انگريزن جي دور ۾ بہ اهو وڏو مدرسو هلندو هو. پير مظهرالدين پاڻ بنا ڪنهن معاوضي جي درس ڏيندو هو، پر ٻين معلمن کي پاڻ اجرت ادا ڪندو هو. هن مدرسي پنھنجي دور ۾ سٺا سٺا عالم پيدا ڪيا.


لفظ ٺلاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو