ٺلهه سڏيرڻ

ٺلهه سڏيرڻ

ٺلهه سڏيرڻ

ٺلهه سڏيرڻ: ٽنڊي محمد خان ملاڪاتيار روڊ اٽڪل 7 ڪلوميٽر پري ڳوٺ سعيدپور ٽڪر لڳ روڊ تي اتر پاسي واقع هڪ ٽڪري جا اتر-ڏکڻ ڊگهي آهي. ان جي اتر واري ڇيڙي لڳ هڪ ٺلهه آهي. ، جنهن کي سڌيرڻ (Sudheran) جو ٺلهه چون ٿا. هن آثار جو تفصيلي احوال ڪتاب Antiquities of Sind، ليکڪ هينري ڪزنس 1929ع ۾ پڙهي سگهجي ٿو. کوٽائي کان اڳ هن ٺلهه جي اوچائي اٽڪل ويهه فوٽ هئي ۽ ان جو بنياد واري ٿلهي جو قطر 137 فوٽ هو. هي ٺلهه ڪچين سرن جو ٺهيل هو. جنهن جي ٻاهران پڪين سرن جو پوش جو خوبصورت ٽڪائي سان سنواريل هو. پر پڪيون سرون بهرحال ڪري چُڪيون هيون. خيال آهي ته ٺلهه اصل موجوده ٺلهه جي گهيري کان ٽيڻو ويڪرو هو. هي آثار اڪيلو نه هو. پر ان جي ڏکڻ-اولهه ۾ ميل کن تائين ساڳي دور جا آثار هئا، جي ان وقت ننڍن ننڍن سرن جي ڍڳن جي صورت ۾ ڏسڻ ۾ پئي آيا. اهي ڀڪشن جون رهائشون به سمجهه ۾ پئي آيون. زمين کان هيٺڀرو نظر ايندڙ سرن جي بارن ڏسڻ مان ڀاسي ٿو ته ٿلهو اصل چوڪور هو، جو اتر کان ڏڻ 98’-6’ ۽ اولهه کان اوڀر 76’-9’ ماپ جو هو. بهرحال وڌيڪ ڊيگهه واري پاسي لاءِ مسٽر ڀنڊارڪر جو چوڻ آهي ته انهي پاسي پوڙيون ٺهيل هيون. جيڪي ٿلهي جي مٿئين سطح تائين پهچنديون هيون ۽ شايد ان پاسي هڪ يا ٻه مجسما به رکيل هجن. ڏکڻ، اوڀر ۽ اولهه واريون ڀتيون هڪ جهڙيون هيون.
هن ٺلهه بابت مسٽر ڀنڊارڪر چوي ٿو ته ان سان هڪ عشقيا داستان، بادشاهه (Neru) نيرو جي راڻي ۽ سندس ڀائٽيي/ ڀاڻج سڌيرڻ جو به کيس روايتن ۾ ٻڌايو ويو ۽ اهو به ته ٻئي سڌيرڻ ۽ نيرو جي گهر واري ٺلهه واري هنڌ پوريا ويا هئا. ڪن ماڻهن جو چوڻ ته ٺلهه بني اسرائيلن جو ٺهرايل روشني جو منارو هو. مسٽر راورٽي سمجهي ٿو ته ٺڪريون ۽ سروٽا جيڪي ٺلهه کان حيدرآباد تائين ٿوري ٿوري مفاصلي تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. سي هڪ وڏي شهر جا آثار آهن. جيڪو سڄي گنجي ٽڪر تي ٻڌ جي اوج واري دور ۾ هتي آباد هو. مسٽر ڀنڊارڪر جي خيال ۾ هي ٺلهه ڪنهن به صورت ۾ اشوڪا جي دور ۽ 100ع کان پوءِ جو نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو