ٺلھه ڌنڱ

ٺلھه ڌنڱ

ٺلھه ڌنڱ

ٺلھه ڌنڱ: هي ٺلھہ ۽ دڙو ڳوٺ نعمت خان کوسي ديھہ ڌنڱ، تپي جمالي، تعلقي شھدادڪوٽ ضلعي قــمبر- شھدادڪوٽ ۾ آهــي. ھي ٺلھہ ھڪ دڙي تي ٺھيل آھي. دڙو 10- 9 فوٽ زمين جي مٿاڇري کان اوچو آھي. ٺلھہ 450 س. م اوچــو آهي ۽ گهيرو 19 فوٽ آهي. دڙو ھن وقت والار ۾ اچــي ويــو آھي. ڪنھن سمي وڏو ھوندو هو، پر ھينئر صرف ايترو بچيل آھي، جو ھي ٺلھہ بيٺل آهي. ٺلھہ ويلڻي (cylindrical) ۽ پڪين سرن جو، گاري سان اوساريل آھي. ٺلھہ جو ھيٺيون حصو اجڙيل، سرون نڪتل ۽ کوٽيل آھن. ھن جي بنيادن بابت پڪ نٿي پوي تہ اھي ڪيترو زمين ۾ اندر آھن. چوڌاري چڱي تعداد ۾ مٿاڇري تي توڙي اندر ٺڪراٺو ٻڌائي ٿو تہ اھو ٺلھہ اسلامي دور کان اڳ جو آھي. ھن وقت بہ ٺلھہ تي 81 بار موجود آھن، جيڪي پڪين سرن جا آھن. سرن جو نمونو ٻٻرلوءِ خيرپورميرس ضلعي ۽ لکي غلام شاھہ ضلعي شڪارپور جي ٺلھن ۾ لڳل سرن سان ڀيٽڻ جهڙو آھي. ڪجهہ سرون اھڙيون بہ مليون آھن، جن تي نقش اڪريل آھن.هي ٺلھہ شھدادڪوٽ کان 16 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو