ٺلھہ

ٺلھہ: هي ٺلھہ، ديھہ ٺل، تپي بکر شھيد تعلقي جوھي ضلعي دادوءَ ۾ آهي. ھي ٺلھہ ھڪ دڙي جي مٿان ٺھيل آھي. دڙو ثقافتي وٿن سان ڀريو پيو آھي. دڙي جي وٿن چڪاسڻ کان پوءِ چئي سگهجي ٿو تہ اھو ماڳ بہ سنڌو تھذيب واري دور سان واسطو رکي ٿو. ھي دڙو اڳ ۾ ڪنھن بہ نہ ڄاڻايو آھي. ھتان، ٺڪر، ٺڪر جون ڀڳل چوڙيون، سوخدار ٿانو وغيرہ لڌا آھن جيڪي سنڌو تھذيب واري دور سان ڀيٽڻ جھڙا آھن.


لفظ ٺلھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو