ٺلهه سڏيرڻ

ٺلهه سڏيرڻ

ٺلھہ سڏيرڻ

ٺلھہ سڏيرڻ: ٽنڊي محمد خان ملاڪاتيار روڊ اٽڪل 7 ڪلوميٽر پري ڳوٺ سعيدپور ٽڪر لڳ روڊ تي اتر پاسي واقع هڪ ٽڪري جا اتر-ڏکڻ ڊگهي آهي. ان جي اتر واري ڇيڙي لڳ هڪ ٺلھہ آهي. ، جنهن کي سڌيرڻ (Sudheran) جو ٺلھہ چون ٿا. هن آثار جو تفصيلي احوال ڪتاب Antiquities of Sind، ليکڪ هينري ڪزنس 1929ع ۾ پڙهي سگهجي ٿو. کوٽائي کان اڳ هن ٺلھہ جي اوچائي اٽڪل ويھہ فوٽ هئي ۽ ان جو بنياد واري ٿلهي جو قطر 137 فوٽ هو. هي ٺلھہ ڪچين سرن جو ٺهيل هو. جنهن جي ٻاهران پڪين سرن جو پوش جو خوبصورت ٽڪائي سان سنواريل هو. پر پڪيون سرون بهرحال ڪري چُڪيون هيون. خيال آهي تہ ٺلھہ اصل موجودہ ٺلھہ جي گهيري کان ٽيڻو ويڪرو هو. هي آثار اڪيلو نہ هو. پر ان جي ڏکڻ-اولھہ ۾ ميل کن تائين ساڳي دور جا آثار هئا، جي ان وقت ننڍن ننڍن سرن جي ڍڳن جي صورت ۾ ڏسڻ ۾ پئي آيا. اهي ڀڪشن جون رهائشون بہ سمجهہ ۾ پئي آيون. زمين کان هيٺڀرو نظر ايندڙ سرن جي بارن ڏسڻ مان ڀاسي ٿو تہ ٿلهو اصل چوڪور هو، جو اتر کان ڏڻ 98’-6’ ۽ اولھہ کان اوڀر 76’-9’ ماپ جو هو. بهرحال وڌيڪ ڊيگهہ واري پاسي لاءِ مسٽر ڀنڊارڪر جو چوڻ آهي تہ انهي پاسي پوڙيون ٺهيل هيون. جيڪي ٿلهي جي مٿئين سطح تائين پهچنديون هيون ۽ شايد ان پاسي هڪ يا ٻہ مجسما بہ رکيل هجن. ڏکڻ، اوڀر ۽ اولھہ واريون ڀتيون هڪ جهڙيون هيون.
هن ٺلھہ بابت مسٽر ڀنڊارڪر چوي ٿو تہ ان سان هڪ عشقيا داستان، بادشاھہ (Neru) نيرو جي راڻي ۽ سندس ڀائٽيي/ ڀاڻج سڌيرڻ جو بہ کيس روايتن ۾ ٻڌايو ويو ۽ اهو بہ تہ ٻئي سڌيرڻ ۽ نيرو جي گهر واري ٺلھہ واري هنڌ پوريا ويا هئا. ڪن ماڻهن جو چوڻ تہ ٺلھہ بني اسرائيلن جو ٺهرايل روشني جو منارو هو. مسٽر راورٽي سمجهي ٿو تہ ٺڪريون ۽ سروٽا جيڪي ٺلھہ کان حيدرآباد تائين ٿوري ٿوري مفاصلي تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. سي هڪ وڏي شھر جا آثار آهن. جيڪو سڄي گنجي ٽڪر تي ٻڌ جي اوج واري دور ۾ هتي آباد هو. مسٽر ڀنڊارڪر جي خيال ۾ هي ٺلھہ ڪنهن بہ صورت ۾ اشوڪا جي دور ۽ 100ع کان پوءِ جو نہ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو