
ٺلهه هيرو خان
ٺلھہ هَيرو خان: ديھہ، تپي هيرو خان ۽ تعلقي جوهي ضلعي دادو جو هي ٺلھہ هيرو خان شھر جي پاسي ۾ پٽ گل محمد ۽ شادڻ ويندڙ رستي جي ٻئي پاسي چند فرلانگن جي مفاصلي تي آهي. ٺلھہ جي پيڙھہ سادن پٿرن سان اوساريل آهي، جنهن جي اوچائي زمين جي سطح کان ٻن ميٽرن جيتري آهي. ان جي مٿان ٺلھہ ڪچين سرن جو ٺهيل آهي، جنهن جي اوچائي ست ميٽرن ۽ 25 سينٽي ميٽرن جيتري آهي. هن ٺلھہ جي پٽ رٿا گونيا جي شڪل جيتري آهي. (جيئن ٺلھہ ديھہ لڳ بھليل شاھہ جي) اولھہ پاسي ۾ ڏکڻ کان مٿي ويندڙ چاڙهي آهي، جيڪا ٺلھہ جي چوٽيءَ تائين رسي ٿي. چاڙهي سميت اولھہ واري پاسي جي ماپ 44 فوٽ آهي ۽ اتر پاسي واري ڊيگهہ 27 فوٽ اٿس، جڏهين تہ اوڀر طرف ٺلھہ جي ويڪر سوا اوڻيھہ فوٽ آهي. انهي حساب سان ٺلھہ جي چاڙهي جي ڊيگهہ اٽڪل 25 فوٽ ٿئي ٿي.
هن ٺلھہ ۾ هڪ انوکو ارکڻ بہ آهي. ٺلھہ جي اوڀر واري ڇيڙي ويجهو زمين جي سطح تي هڪ آرپار باترتيب جارو آهي، جنهن مان ماڻهو جهڪي گذري سگهي ٿو.