ٺلھہ، ڳوٺ لڳ آھي، جنهن جي چوڌاري زرعي زمين آهي. ٺلھہ هڪ دڙي تي ٺهيل آهي جو ڪنھن سمي وڏو ھوندو، پر ھينئر والار ھيٺ اچي ويو آھي ۽ مقامي ماڻھن ان کي ڊاھي آباديءَ لائق زمينن ۾ آڻي ڇڏيو آهي. ھي دڙو زمين جي مٿاڇري کان 12 فوٽ اوچو آھي ۽ هن جي ويڪر ۽ ڊيگهہ هن وقت 9 وڃي رھي آهي. ٺلھہ ٻن طبقن ۾ ٺھيل' />
ٺلھہ، ڳوٺ لڳ آھي، جنهن جي چوڌاري زرعي زمين آهي. ٺلھہ هڪ دڙي تي ٺهيل آهي جو ڪنھن سمي وڏو ھوندو، پر ھينئر والار ھيٺ اچي ويو آھي ۽ مقامي ماڻھن ان کي ڊاھي آباديءَ لائق زمينن ۾ آڻي ڇڏيو آهي. ھي دڙو زمين جي مٿاڇري کان 12 فوٽ اوچو آھي ۽ هن جي ويڪر ۽ ڊيگهہ هن وقت 9 وڃي رھي آهي. ٺلھہ ٻن طبقن ۾ ٺھيل..." />
ٺلهه ڊرٻ چانڊيو

ٺلهه ڊرٻ چانڊيو

ٺلھہ ڊرٻ چانڊيو

ٺلھہ ڊرٻ چانڊيو: هي ٺلھہ ميرو خان لاڙڪاڻي روڊ کان 25 ڪلو ميٽر ڳوٺ ارباب شيخ. ضلعي لاڙڪاڻي ۾ آهي. ھي ماڳ اتر ڊگهائي ڦاڪ27043\' 50\" ڊگرين ۽ اوڀر 68010\' 30\" ڊگرين تي آھي.
ٺلھہ، ڳوٺ لڳ آھي، جنهن جي چوڌاري زرعي زمين آهي. ٺلھہ هڪ دڙي تي ٺهيل آهي جو ڪنھن سمي وڏو ھوندو، پر ھينئر والار ھيٺ اچي ويو آھي ۽ مقامي ماڻھن ان کي ڊاھي آباديءَ لائق زمينن ۾ آڻي ڇڏيو آهي. ھي دڙو زمين جي مٿاڇري کان 12 فوٽ اوچو آھي ۽ هن جي ويڪر ۽ ڊيگهہ هن وقت 9 وڃي رھي آهي. ٺلھہ ٻن طبقن ۾ ٺھيل آھي. ھيٺيون طبقو چورس ھر پاسو 200 س. م ماپ جو آھي؛ اوچائي 250 س. م اٿس. ٻيو طبقو گول آهي، جنھن جو گهيرو 12.9 فوٽ آھي، جيڪو پڪ سرو آهي ۽ ان ۾ مختلف ماپ جون سرون استعمال ٿيل آھن. سڄو گل سان اوساريل آھي. ھيٺيون حصو زبون آهي، جڏھن تہ مٿيون حصو ڪي قدر بھتر آھي. مقامي ماڻھن ٻڌايو تہ پيڙھہ/ ھيٺين طبقي تي ڪي کڏڻا (Recesses) ۽ جارا (Niches) ھئا، جيڪي اتر پاسي ھئا، اھي جارا ۽ کڏڻا ڪي ٺلھہ ۾ اندر ٺھيل نہ ھئا، پر واڌو اڏاوت ھئي، جنھن جا نشان مٽجي ويا آھن. چون ٿا تہ ٺلھہ جي اولھہ ۾ ڏاڪڻ ٺھيل ھئي جيڪا ھيٺ بنيادن ڏانھن وئي پئي. ٺلھہ گاري سان لتل آهي، جنھن جا نشان اڃا بيٺا آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو