ٺُل/ ٺُلههُ: منارو. بُرج (قلعي جو). ويڪرو منارو، جيڪو ڪنهن ڪوٽ يا قلعي ۾ اندر ٺهيل هجي، يا اُن جي ٻاهران اهڙيءَ طرح ٺهيل هجي، جنهن مان قلعي جي حفاظت ڪري سگهجي. بُرج کي ٺُلهه به چوندا آهن، جيڪو پڻ قلعي جي ڀت ۾ اڌ گول يا چؤڪنڊي شڪل جو هوندو آهي. سنڌ ۾ ڪيترائي ٺُل/ٺلهه آهن، جيڪي هن وقت آثار قديمه ۾ شامل آهن. جيئن ’ڏيپر گهانگهري جو ٺل‘ ۽ ’مير رڪڻ جو ٺل‘.
هن قسم جون اڏاوتون ڪشن گهراڻي جي راجا ڪالشڪا (A.D، 123-78) واري حڪومت جي دؤر ۾ ڪرايون ويون. راجا هڪ ڀيري پاڻ پنجاب، بهاولپور ۽ سنڌ جي دوري تي آيو. واپسيءَ ۾ حڪم ڏنائين ته، منهنجي دوري جي ياد ۾ مکيه هنڌن تي ٺل ۽ ڏيورا جوڙيا وڃن، جيڪي هن وقت سنڌو نديءَ جي پراڻن وهڪرن جي ڀر ۾ زبون حالت ۾ موجود آهن. سنڌ ۾ اڪثر ٻڌمت جون اڏاوتون ان ئي دؤر ۾ ٿيون. سوڌرن جي دڙي واريون ٻڌمت جون اڏاوتون عيسوي پهرين صديءَ ۾ ٿيون. (ڏسو: اسٽوپا، جلد پهريون).