ٺمري

ٺمري: راڳ جي هڪ طرز يا صنف، جيڪا ٻن ”سپتڪن“ جي ٿيندي آهي ۽ آسانيءَ سان ڳائي سگهبي آهي. هيءَ نيم ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي هڪ صنف آهي، جنهن ۾ ”خيال“ وانگر حصا هوندا آهن يعني اسٿائي ۽ انترو. راڳ ۾ گويي کي جذبات جي اظهار لاءِ ڪافي آزادي حاصل هوندي آهي. راڳ جي ’صحت‘ تي هروڀرو زور نہ ڏنو ويندو آهي. هن ۾ مختلف راڳن جي آميزش بہ جائز سمجهي ويندي آهي، تنهنڪري تين تال ۽ ڌاڌرا هن جا خاص ”تال“ آهن. لئي ۾ شوخي ڏسبي آهي. سرن جي ادائگي ۽ لاھہُ چاڙھہُ، ٻولن جي مناسب طرز ادا جي تابع رهندا آهن. هن صنف جي شروعات اَوڌَ جي دربارين ۾ ٿي هئي. لکنئو ۽ بنارس ان جا مشھور مرڪز رهيا.


لفظ ٺمريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو