ٺوڙهي بجار: هي ڳوٺ ضلعي لاڙڪاڻي، تعلقي قنبر جي ديھہ ’ڊٻ مِٺو‘ ۾ آباد آهي. هتي پرائمري اسڪول، گورنمينٽ مڊل اسڪول، سارين ڇڙهڻ جا ٻہ ڪارخانا، برانچ پوسٽ آفيس ۽ رورل هيلٿ سينٽر موجود آهن. ٺوڙهي بجار انگريزن جي دؤر کان بہ آڳاٽو ڳوٺ آهي، جنهن جو بنياد ٺوڙهي مينهن جي دڙي تي ويهڻ سبب پيو. هن ڳوٺ ۾ هڪ دڙو هو، جنهن تي هڪ مينهن اچي وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهندي هئي. بعد ۾ اوسي پاسي آبادي ٿيڻ لڳي.
هن ساڳئي نالي سان ٻہ ڳوٺ مشھور ٿيا، جنهن مان هڪ وڏي ٺوڙهي ۽ ٻي ننڍي ٺوڙهي. ڪجهہ وقت کان پوءِ وڏي ٺوڙهي، ڳوٺ ٺوڙهي بجر ۽ ننڍي ٺوڙهي، ڳوٺ ٺوڙهي سهراب جي نالن سان منسوب ڪيا ويا. ڳوٺ ٺوڙهي بجار، شروع واري دؤر کان وٺي عالمن جو ڳڙھہ رهيو آهي، جيڪي مدرسن ۾ ديني تعليم ڏيندا هئا. هن ڳوٺ جي عالم ۽ مولوي گهراڻن ۾ مولوي ڪريم داد چانڊئي جي اولاد مان مولوي عبدالحئي چانڊيو ۽ مولوي عبدالهادي چانڊيو (قمبر وارا) مشھور آهن، جيڪي عالم فاضل ۽ اديب سان گڏ عربي ۽ فارسيءَ جا ماهر آهن. نوجوان دانشور جامي چانڊيو بہ هنن مان آهي، ان کان سواءِ ٺوڙهي بجار جي عالمن ۾ مولوي محبت ﷲ تنيو ۽ مولوي الھہ بخش تنيو، مولوي عبدالحڪيم تنيو، ميان الھرکيو تنيو شامل آهن. ڊاڪٽر شمس الدين تنيو زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جو رٽائرڊ پروفيسر بہ هتي جو رهاڪو آهي. هيءُ ڳوٺ تعلقي قنبر جي مرڪزي شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو، جنهنڪري ٻين ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ شهرن سان ڳنڍيل آهي.