ٺوڙهي بجار ۽ ٺوڙهي سهراب

ٺوڙهي بجار ۽ ٺوڙهي سهراب (ڳوٺ ):هي ٻئي ڳوٺ قنبر جي اولھہ ۾ 12کان 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي قنبر ڳڙهي ڪرٽيي روڊ جي ڏکڻ ۾ واقع آهن. ٻئي ڳوٺ ديھہ ڊٻ مٺي، يونين ڪائونسل بوهڙ ۽ سرڪل قنبر سان واسطو رکن ٿا. ٺوڙهي بجار قنبر کان 12 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ۽ ٺوڙهي سهراب 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. ٺوڙهي سهراب جي اوڀر ۾ هتي، اتر ۾ ڊرگهه سومر چانڊيو، اولھہ ۾ مٿيان بوهڙ ۽ وڪا ڳوٺ آباد آهن. ٺوڙهي بجار جنڪشن آهي. هتان چئن طرفن کان ٻہ روڊ نڪرن ٿا. هڪ اوڀر کان اولھہ طرف يعني قنبر کان ڳڙهي ڪرٽيي تائين ۽ ٻيو اتر کان ڏکڻ طرف يعني نور محمد شيخ ڳوٺ کان تعلقي وارھہ جي شھر لولا رائنڪ تائين. هن جنڪشن وٽان لولا رائنڪ 10 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف ۽ چئن ڪلوميٽرن تي اتر طرف نور محمد شيخ آباد آهن ۽ اولھہ ۾ ڳڙهي ڪرٽيو 9 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. ٺوڙهي بجار جي اتر ۾ گيلو کوسو، ڏکڻ ۾ هيٺيان بوهڙ، اولھہ ۾ ڪنور ڳوٺ واقع آهن. هنن ڳوٺن جي بنياد تنيا برادري جا ٻہ ڀائر بجار خان ۽ سهراب خان هتي 60-1750ع ڌاري آباد ٿيا هئا. اصل نواب شاھہ جا رهاڪو هئا. بجار خان ۽ سهراب خان مالوَند ماڻهو هئا. کين مينهون ۽ ڳئون جهجهيون هونديون هيون. مينهن ۾ ڄائي ڄم کان هڪ ٺوڙهي بختاور مينهن بہ هئي، جنهن جي نسبت سان هي ٻئي ڀائر هن جوءِ ۽ تر ۾ مشھور ٿيا. 1750ع ڌاري پهريان ٺوڙهي بجار ڳوٺ آباد ٿيو. هڪ ڏهاڪي گذرڻ بعد سهراب خان پنھنجي ڀاءُ کان ڪاوڙجي ٺوڙهي بجار جي اوڀر ۾ ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هڪ دڙي تي آباد ٿيو، جتي پهريان هندو ۽ سيد ويٺل هئا. 1740ع ڌاري انهن جي لڏي وڃڻ کان پوءِ ٺوڙهي بختاور مينهن ان دڙي تي اڪثر ٻين مينهن سان گڏ ويهندي هئي، جنهنڪري سهراب خان کي اها جاءِ وڌيڪ موزون ۽ بهتر لڳي ۽ اتي آباد ٿيو. ٺوڙهي بجار ۾ تنيا ۽ سومرا آباد آهن. ٺوڙهي سهراب ۾ تنيا، چنا، ڪلهوڙا، چانڊيا، ميمڻ، پٺاڻ ۽ وڪا آباد آهن. ماضيءَ ۾ ٺوڙهي بجار ڳوٺ سٺن عالمِ دين جي پيدا ڪرڻ جي کاڻ پڻ رهيو آهي. علم جي انهيءَ کاڻ مان هن ڳوٺ جا جيڪي گوهر نڪتا، تن ۾ مولوي سعد تنيو (وفات: 1993ع)، مولوي محبت تنيو، مولوي عبدالڪريم تنيو (وفات: 1945ع) ۽ مولوي عبدالڪريم تنيو (وفات: 1976ع) قابلِ ذڪر آهن. اهي عالم سڳورا هتان جي مدرسي مان مولانا ڪريم داد چانڊيي وٽان فارغ التحصيل ٿيا. هنن بزرگن مان مولانا صاحب 1925ع ۾ لعلو رائنڪ، تعلقي وارھہ ۾ جيد عالم ٿي گذريو. مولانا صاحب 1925ع ۾ لعلو رائنڪ، تعلقي وارھہ ۾ مدرسي جو بنياد رکيو. سندس لائق شاگردن ۾ گهڻو مشھور فقير هدايت تارڪ نجفي هو. ٺوڙهي بجار جو اهو مدرسو سڄيءَ سنڌ ۾ مشھور هو. هن مدرسي خلافت تحريڪ ۾ بہ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. اهو مدرسو مولانا ڪريمداد عرف قلندر چانڊيي 1897ع ڌاري کوليو، جيڪو پوءِ 1956ع ڌاري پرائمري اسڪول ۾ تبديل ٿي ويو. مولانا ڪريمداد چانڊيو اصل ڊرگهہ سومر جو رهاڪو هو. انگريز دؤر ۾ ٺوڙهي بجار ۾ هندو بہ رهندا هئا. بخت مل، آسن، ڀاون، ڄيٺومل، وسند، ٽلو مشھور ۽ معروف ماڻهو هئا. ايسر داس مکي هين. هتي واڻين جو هڪ کوھہ بہ هو ندو هيو. هن وقت اهو ڦٽي ويو آهي. احسان فقير نالي هڪ بزرگ جي مزار آهي. جتي ڀرپاسي کان سکائون اينديون آهن، 7 مسجدون آهن. ٺوڙهي سهراب ۾ ”ڪنڊي سيد“ نالي هڪ بزرگ جي درگاھہ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو