ٺوڙھہ ٽڪڻ

ٺوڙھہ/ ٽڪڻ: جيتوڻيڪ عامل طبقي جا سامايل لوهاڻا پنهنجو مٿو ڪوڙائڻ ضابطي کان معاف يا آجو ڪوٺين ٿا، پر اهي پنھنجي مرد ٻارن جا مٿا مناسب عقيدت سان، تيرهن ورهين جي ڄمار ٿيڻ تي ڪوڙائين ٿا، هنن کي ’منڻ‘ سڏيو وڃي ٿو ۽ وري ٽن ورهين تي ٺوڙھہ ڪرائيندڙ ٻار کي پڻ ’منڻ‘ چيو وڃي ٿو. ماءُ طرفان ڪنهن وچن يا ساک جي پوئواري لاءِ اهو عمل ڪنهن بہ ڄمار ۾ ٻيهر ورجائي سگهجي ٿو، اها رسم عام طور مائٽن جي پوڄا واري جاءِ تي ڪئي وڃي ٿي، پر جيڪي ماڻهو ’درياپنٿي‘ نہ آهن، سي بہ اڏيري لال ۾ يا وري سنڌو درياھہ جي ڪنڌيءَ تي اها رسم نڀائين ٿا. ڪڏهن ڪڏهن اهو عمل ’دسڙي جي تهوار‘ تي ڪنڊيءَ جي وڻ هيٺ ڪيو وڃي ٿو، پر انهيءَ جي معنيٰ منجهيل آهي. آيل مهمان ڪجهہ گهور جيڪا حجم کي ڏيندا آهن. جهنڊ لهرائڻ کان پوءِ ٻار کي اشنان ڪرائي، نئين پوشاڪ پارائي وڃي ٿي، انهن رسمن جي پورائيءَ ۾ ڀاڱو وٺندڙ برهمڻ کي ڪجهہ ”دان يا اجورو“ ڏنو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو