ٺوڪر: هي ڪيريگرن جو سنڌو درياھہ مان سون حاصل ڪرڻ لاءِ اوزار آهي. هي ڪٽوري وانگر جست جو ٿانوَ ٿئي ٿو. جنهن جو قطر ساڍا ست انچ هوندو آهي. ان جي وچ ۾ مٿان ڪاٺ جو هٿيو لڳل هوندو آهي. جنهن جي ڊيگهہ 21 انچ کن ٿيندي آهي. هن ٿانوَ جي مدد سان، ڪيريگر درياھہ مان پاڻي ڀري ’ڇجڪي‘ جيڪا هڪ قسم جي ڇاڻي ٿئي، تي لاهيندا ويندا آهن. ڇجڪيءَ جي مٿان مٽي رکيل هوندي آهي. درياھہ جي پاڻي مان سون ذرا انهي ڇجڪي تي چنبڙيل مٽيءَ ۾ ڇاڻجي رهجي ويندا ۽ باقي ٺوڪر مان هاريل پاڻي ڳڙي هيٺ ڪرندو آهي. هن وقت سنڌو نديءَ مان سون ڪڍندڙن جو وڏو انگ ايبٽ آباد، اٽڪ، صوابي ۽ ميانوالي ۾ رهي ٿو.