ٺَٽ دليپوٽا هوتچند ۽ ڳوراهو

ٺَٽ (دليپوٽا، هوتچند ۽ ڳوراهو ):پراڻي نوابشاھہ ضلعي مان جڏهن درياھہ رخ مٽايو، تڏهن تعلقي نوشهري (هاڻوڪي ضلعي) ۾ ’ٺٽ‘ نالي سان ٽي بستيون وجود ۾ آيون: ٺٽ هوتچند، ٺٽ ڳوراهو ۽ ٺٽ دليپوٽا. هن بستيءَ جو وجود 13 صدي عيسويءَ ۾ پيو. ٺٽ دليپوٽا ۽ ٺٽ هوتچند جا هندو، ”بهراڻا“ کڻي، درياھہ تي ايندا هئا. هندستان جي نوجوان شاعرہ لتا ٽهلياڻيءَ جا وڏا ٺٽ هوتچند جا رهاڪو هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو