ٺَٽِ:ڪنهن واھہ يا درياھہ جي ڪپ واري ننڍڙي مياڻ ، جتي مهاڻن جا ٿورڙا گهر هوندا آهن ، ۽ اُتي هو مڇي ماريندا ۽ وڪرو ڪندا آهن ان هنڌ تي پتڻ بہ هوندو آهي . سنڌ ۾ ڪيترائي ڳوٺ ” ٺٽ “ نالي سان سڏبا آهن . جھڙوڪ: ٺٽ ولي محمد ، ٺٽ مالهڻو ۽ ٺٽ هوتچند وغيرہ . ٺٽ کان وڏي ٺٽِي ٿيندي آهي .